تازه ترين

عدالتون فيصلا پسند يا نه پسند نه پر قانون جي دائري ۾ رهي ڪنديون آهن:شرجيل انعام ميمڻ

سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته عدالتون فيصلا پسند يا نه پسند نه پر قانون جي دائري ۾ رهي ڪنديون آهن، آئيني عدالت قائم ٿيڻ تمام گهڻو ضروري آهي، پارليامينٽ ميمبرن کي قانونسازي جا اختيار آهن، آئين مان جمهوري حڪومت جي خاتمي جي شق ختم ڪئي ويندي، ججن کي کليل نموني ڌڪيون ڏيڻ سان عدالتون خاموش ڇو رهيون آهن.

ڪراچيءَ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ميثاق جمهوريت سبب ارڙهين ترميم عمل ۾ آئي، انصاف سڀني لاءِ هئڻ گهرجي، انصاف جو فائدو رڳو مخصوص ماڻهن کي نه ٿيڻ گهرجي، پ پ چيئرمين آئيني عدالت تي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.

سندس چوڻ هو ته صدر آصف علي زرداري پنهنجا اختيار پارليامينٽ کي ڏنا، هن وقت لکين ڪيس رولڙي جو شڪار آهن، 25 ورهين کان ماڻهن جي ڪيسن جا فيصلا نه ٿي رهيا آهن، هو سموري نظام کي ٺيڪ ڪرڻ چاهن ٿا، ڪير به آئيني عدالت جو جج بڻجي کين ڪوبه اعتراض ناهي.

سنڌ جي سنيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته آئين مان جمهوري حڪومتن جي خاتمي جون شقون ختم ڪندا، ماضي ۾ آئين کي ٽوڙي چئن حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪيو ويو، صدر آصف علي زرداري ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪوشش ڪري رهيا آهن، آئيني ترميمن تي اتفاق راءِ ڪيو وڃي.

هن چيو ته شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو ۽ ٻين فيصلو ڪيو هو، آئين کي بهتر طريقي سان آڻيندا، پارليامينٽ ۾ ماڻهو عوام جا نمائندا هوندا آهن، پارليامينٽ ۾ ماڻهن کي هن شيءِ جو اختيار آهي ته هو پنهنجو ڪم ڪن.

سنڌ جي سينيئر وزير چيو ته هڪ شخص لاءِ رليف جون فيڪٽريون کوليون ويون آهن، غيرقانوني گهرن کي قانوني ڪرايو ويو، صادق ۽ امين جو سرٽيفڪيٽ ڏنو ويو.

شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اسرائيل جي تحريڪ انصاف کي فنڊنگ سواليه نشان آهي، اسرائيل جو ڪردار ڪنهن کان لڪل ناهي، عدالتون فيصلا پسند يا نه پسند نه پر قانون جي دائري ۾ رهي ڪنديون آهن، آئيني عدالت قائم ٿيڻ تمام گهڻو ضروري آهي.

سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ججن کي کليل نموني ڌمڪيون ڏيڻ سان عدالتون خاموش ڇو رهيون آهن، ائين نه ٿيڻ گهرجي، مخصوص ماڻهن لاءِ فيصلا ورتا ويا، قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو عدالتي قتل ٿيو ۽ 45 ورهين بعد فيصلو آيو، قائد عوام اڄ هجي ته ملڪ جو هي حشر نه ٿئي ها.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
118,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
19.6 ° C
19.6 °
19.6 °
24 %
0.9kmh
0 %
اربع
25 °
خميس
26 °
جمعو
26 °
ڇنڇر
26 °
آچر
27 °

تازه ترين خبرون