پنجاب جي سينيئر وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عدالتي فيصلي تحت القادر يونيورسٽي جو انتظام حڪومت سنڀاليندي، پي ٽي آءِ باني کي ڪرپشن جي سزا ملي چڪي آهي، ڪوڙ ۽ الزام هڻندڙ جي پنهنجي ڪرپشن پڪڙڪي چڪي آهي.
لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مريم اورنگزيب چيو ته ٻين کي چور چور چوندڙ تي ڪرپشن ثابت ٿي وئي آهي، پي ٽي آءِ باني ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڏو ڌاڙو هنيو.
سندس چوڻ هو ته 190 ملين پائونڊ ڪيس جو فيصلو عدالت ڪيو، مسلم ليگ نون ناهي ڪيو، عدالتي فيصلي ۾ ڪوبه مونجهارو ناهي، پي ٽي آءِ باني جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي جو شڪار آهي.
پنجاب جي سينيئر وزير مريم اورنگزيب چيو ته ٻين لاءِ کڏ کوٽيندڙ پاڻ ان ۾ ڪري پيو، تحريڪ انصاف باني اين سي اي کي خط لکيو، اين سي اي خط تي جاچ شروع ڪئي.
هن چيو ته عدالتي فيصلي تحت القادر يونيورسٽي جو انتظام حڪومت سنڀاليندي، پي ٽي آءِ باني کي ڪرپشن جي سزا ملي چڪي آهي.
پنجاب جي سينيئر وزير مريم اورنگزيب چيو ته ڪوڙ ۽ الزام هڻندڙ جي پنهنجي ڪرپشن پڪڙڪي چڪي آهي، عوام تحريڪ انصاف باني جي اصل حقيقت ڄاڻي ٿو.