- Advertisement -
ڪراچي جي عدالت ڪارساز حادثي ڪيس جي جوابدار نتاشا جي منشيات ڪيس ۾ ضمانت بابت درخواست رد ڪري ڇڏي.
جوڊيشل مئجسٽريٽ اوڀر جي عدالت ۾ ڪارساز حادثي ڪيس جي جوابدار نتاشا جي منشيات ڪيس ۾ ضمانت بابت درخواست جي ٻڌڻي ٿي.
عدالت منشيات ڪيس ۾ جوابدار نتاشا جي ضمانت بابت درخواست رد ڪري ڇڏي.
ضمانت رد ٿيڻ بعد جوابدار نتاشا جي جيل مان آزادي واري اميد ختم ٿي وئي.
عدالت منشيات ڪيس ۾ جوابدار نتاشا جي ضمانت بابت درخواست رد ڪرڻ جو لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو.
عدالت جو چوڻ آهي ته وڪيل نتاشا جي ضمانت بابت عدالت کي مطمئن نه ڪري سگهيو آهي، سندس رت ۽ يورين جا نمونا غير محفوظ رهڻ جي دعويٰ غلط آهي، اعليٰ تعليم يافتا عورت طرفان نشي ۾ گاڏي هلائڻ حيرت جهڙي ڳالهه آهي، نتاشا جي ضمانت سان معاشري تي ناڪاري اثر پوندو.
جوابدار نتاشا جي وڪيلن ضمانت بابت نئين درخواست تيار ڪري ورتي.
وڪيلن جو چوڻ آهي ته جوابدار نتاشا کان وڪالت نامي تي صحي ڪرائي ڇڏي آهي.- Advertisement -
