تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

عدليا ۾ سڌارا هر صورت آندا ويندا، ميثاق جمهوريت جي واعدن تي ڪا به سوديبازي نه ڪئي ويندي:بلاول ڀٽو زرداريءَ

- Advertisement -
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ چيو آهي ته عدليا ۾ سڌارا هر صورت آندا ويندا، ميثاق جمهوريت جي واعدن تي ڪا به سوديبازي نه ڪئي ويندي، ملڪ ۾ انصاف جي نظام ۾ بهتري آڻڻ لاءِ وفاقي آئيني عدالت قائم ڪرڻي پوندي، جيڪي پوئتي هٽڻ لاءِ چون پيا هو انهن کي چوي ٿو پوئتي هٽي وڃو، زرعي شعبي کي ڊي ريگيوليٽ ڪرڻ جي وڏي سازش هلي رهي آهي. ڪراچيءَ ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ وڏي وزير سيد مراد علي ۽ فريال ٽالپر سان گڏجي هاري ڪارڊ جو افتتاح ڪيو. تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عورتن جي مالي مدد ڪرڻ تي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام کي عالمي موٽ ملي، هن غريب عوام، هارين ۽ عورتن کي حق ڏنا، اڄ  بينظير هاري ڪارڊ جو افتتاح ڪيو آهي. هن چيو ته سمورو نظام خطري ۾  آهي، ملڪ ۾ مافيائن، ڪاروباري طبقن، صنعت ڪارن ۽ عالمي قوتن طرفان زرعي شعبي کي ڊي ريگيوليٽ ڪرڻ جي سازش هلي رهي آهي. بلاول ڀٽو زرادري چيو ته زرعي شعبي ۾  سيڙپڪاري ئي ملڪي ترقي جو واحد رستو آهي، ڀاڻ جي فيڪٽرين کي سبسڊي بند ڪئي وڃي، آبادگارن کي سڌيءَ ريت اربين رپين جي سبسڊي ڏئي زراعت خلاف سازش جو مقابلو ڪيو وڃي. پ پ چيئرمين چيو ته شهيد راڻيءَ جو واعدو هو ته چارٽر آف ڊيموڪريسي تي عمل ڪيو ويندو، کي شهيد راڻيءَ جو واعدو نڀائڻو ۽ ملڪ بچائڻو آهي، عدليا ۾ سڌارا هر صورت آندا ويندا، ميثاق جمهوريت جي واعدن تي ڪا به سوديبازي نه ڪئي ويندي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هو عوام کان پڇي ٿو ته ڇا اهي عدالتي  نظام مان مطمئن آهن؟ جيڪڏهن انصاف گهرجي ته شهيد راڻي ٻڌائي چڪي آهي ته سمورن صوبن کي عدليا ۾ برابريءَ جي نمائندي ڏني وڃي  ۽ هڪ مخصوص عدالت قائم ڪئي وڃي جنهن جو ڪم رڳو آئيني معاملا ۽ جمهوريت کي تحفظ ڏيڻ هجي. پ پ چيئرمين چيو ته برابري نه ڏيڻ لاءِ عدليا ۽ اسٽيبلشمينٽ هر طريقو استعمال ڪيو، افتخار چوڌريءَ اهڙو نظام آندو جنهن ۾ جج کانسواءِ ٻيو ڪنهن کي به انصاف نه مليو. هن چيو ته ماڻهو کيس چئي رهيا آهن ته پوئتي هٽي وڃ، پر هو کين چوي ٿو اوهان پوئتي هٽي وڃو، ڇا مطلب آهي ته هي وقت ناهي، هاڻي نه ته ڪڏهن؟ پ پ چيئرمين چيو ته سندن طريقو مفاهمت واري سياست جو آهي ته هي سمجهن ٿا ته کانئن هر ظلم وسري ويو آهي، هو حساب وٺندا آهن، الله طرفان اهو وقت ايندو جر هر ظلم جو جواب ڏيڻو پوندو. بلاول ڀٽو زرداريءَ، سنڌي ۾ شعر پڙهي مطالبو ڪيو ته “برابري سراسري اسان گهرون ٿا ايتري، عدل ۽ انصاف جيتري، عدل انصاف جيتري”. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ارڙهن آڪٽوبر تي  حيدرآباد ۾ جلسو ڪيو ويندو، جنهن لاءِ  عوام کي دعوت آهي جلسي ۾ سڀ گڏجي عدالتي سڌارن جو مطالبو ڪيو ويندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
11 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
overcast clouds
16.4 ° C
16.4 °
16.4 °
20 %
1.4kmh
87 %
خميس
16 °
جمعو
18 °
ڇنڇر
19 °
آچر
19 °
سُومر
17 °

تازه ترين خبرون