تازه ترين
اسرائيل جو جنگي جنون ختم نه ٿيو، اسرائيلي ڪابينا بجيٽ 2026ع ۾ فوج لاءِ 35 بلين ڊالر جي وڏي رقم رکي ڪ... اسرائيلي فوج طرفان غزه ۾ بمباري جو سلسلو جاري آهي، والاريل اولهه ڪناري ۾ هڪ فلسطيني کي شهيد فٽبال جي عالمي تنظيم فيفا امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي فيفا امن ايوارڊ سان نوازي ڇڏيو ڪراچي جي علائقي گذري ۾ گھريلو تڪرار تان جوابدار ڇرين جا وار ڪري پنهنجي زال ۽ ڌيءَ کي قتل 1971ع جي جنگ ۾ وطن جي دفاع لاءِ جان جو نذرانو ڏيندڙ ميجر محمد شبير شريف شهيد جو اڄ 54 هون شهادت جو ڏ... آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ بغير نمبر پليٽ گاڏين ۽ بغير لائسنس گاڏين خلاف ڪاررواين جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو پاڪستان سعودي عرب ۾ افغانستان سان ڳالهين بابت افواهن کي رد ڪري ڇڏيو جمهوريت هميشه ڳالهين سان اڳتي وڌندي آهي، ڊيڊلاڪ ان کي ڪمزور ڪندو آهي : راڻا ثناءُ الله نوٽيفڪيشن بابت واويلا ڪندڙن کي قوم کان معافي وٺڻ گهرجي: عطا تارڙ وڏي وزير مراد علي شاهه جون 2027ع تائين گهوٽڪي-ڪنڌڪوٽ پل جو افتتاح ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو

عرب ملڪن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو غزه تي قبضي ۽ فلسطينين جي بي دخلي وارو منصوبو رد ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
عرب ملڪن امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو غزه تي قبضي ۽ فلسطينين جي بي دخلي واري منصوبي کي رد ڪندي مصر جي متبادل منصوبي جي حمايت ڪري ڇڏي. اڱاري ڏينهن قاهره ۾ عرب ملڪن جو غيرمعمولي اجلاس ٿيو جنهن ۾ مصر، سعودي عرب، قطر، اردن، شام ۽ ٻين عرب  ملڪن سميت گڏيل قومن جي سربراهه، يورپي يونين جي صدر ۽ اسلامي تعاون تنظيم جو سيڪريٽري جنرل شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ غزه جي نئين سر تعمير ۽ هڪ آزاد فلسطيني رياست جي قيام تي غور ڪيو ويو، اجلاس جو مقصد امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي غزه تي قبضي ۽ فلسطينين جي بي دخلي منصوبي خلاف گڏيل عرب موقف اختيار ڪرڻ  هو. ان موقعي تي مصر ٽرمپ جي تجويز رد ڪندي غزه جي نئين سر تعمير جي لاءِ هڪ اهڙو منصوبو پيش ڪرڻ جو اعلان ڪيو جيڪو فلسطينين جي حق جو احترام ڪندي کين انهن جي سرزمين تي برقرار رکندو. غزه لاءِ مصر جي تجويز ڪيل 53 ارب ڊالر جي پنج سالن جي منصوبي ۾ لکين گهرن، هڪ واپاري بندرگاهه ۽ هڪ ايئرپورٽ جي تعمير شامل آهي، جڏهن ته فلسطيني علائقن ۾ چونڊون ۽ ٻه رياستي حل لاءِ ڪوششون پڻ منصوبي جو حصو آهن. اجلاس جي پڄاڻي تي عرب ليگ جي سيڪريٽري جنرل احمد ابوالغيط اعلان ڪيو ته مصر جو منصوبو هاڻي هڪ عرب منصوبو بڻجي چڪو آهي. اجلاس کي مصر جي صدر عبدالفتاح السيسي، فلسطيني صدر محمود عباس ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪيو………..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
14.3 ° C
14.3 °
14.3 °
22 %
1.9kmh
89 %
آچر
17 °
سُومر
16 °
اڱارو
18 °
اربع
18 °
خميس
20 °

تازه ترين خبرون