- Advertisement -
عرب ملڪن امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو غزه تي قبضي ۽ فلسطينين جي بي دخلي واري منصوبي کي رد ڪندي مصر جي متبادل منصوبي جي حمايت ڪري ڇڏي.
اڱاري ڏينهن قاهره ۾ عرب ملڪن جو غيرمعمولي اجلاس ٿيو جنهن ۾ مصر، سعودي عرب، قطر، اردن، شام ۽ ٻين عرب ملڪن سميت گڏيل قومن جي سربراهه، يورپي يونين جي صدر ۽ اسلامي تعاون تنظيم جو سيڪريٽري جنرل شريڪ ٿيا.
اجلاس ۾ غزه جي نئين سر تعمير ۽ هڪ آزاد فلسطيني رياست جي قيام تي غور ڪيو ويو، اجلاس جو مقصد امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي غزه تي قبضي ۽ فلسطينين جي بي دخلي منصوبي خلاف گڏيل عرب موقف اختيار ڪرڻ هو.
ان موقعي تي مصر ٽرمپ جي تجويز رد ڪندي غزه جي نئين سر تعمير جي لاءِ هڪ اهڙو منصوبو پيش ڪرڻ جو اعلان ڪيو جيڪو فلسطينين جي حق جو احترام ڪندي کين انهن جي سرزمين تي برقرار رکندو.
غزه لاءِ مصر جي تجويز ڪيل 53 ارب ڊالر جي پنج سالن جي منصوبي ۾ لکين گهرن، هڪ واپاري بندرگاهه ۽ هڪ ايئرپورٽ جي تعمير شامل آهي، جڏهن ته فلسطيني علائقن ۾ چونڊون ۽ ٻه رياستي حل لاءِ ڪوششون پڻ منصوبي جو حصو آهن.
اجلاس جي پڄاڻي تي عرب ليگ جي سيڪريٽري جنرل احمد ابوالغيط اعلان ڪيو ته مصر جو منصوبو هاڻي هڪ عرب منصوبو بڻجي چڪو آهي.
اجلاس کي مصر جي صدر عبدالفتاح السيسي، فلسطيني صدر محمود عباس ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪيو………..- Advertisement -
