تازه ترين

عزم استحڪام فوجي آپريشن نه پر دهشتگردي جي خاتمي لاءِ منظم مهم آهي؛ ڊي جي آءِ ايس پي آر

- Advertisement -
ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چيو آهي ته عزم استحڪام فوجي آپريشن نه پر دهشتگردي جي خاتمي لاءِ منظم مهم آهي، هڪ مضبوط لابي نه ٿي چاهي ته ان آپريشن جا مقصد پورا ٿين، 9 مئي سانحي جي رٿابندي ڪندڙن کي ڍَرَ ڏيڻ سان ملڪ ۾ ڏڦيڙ پکڙجندو، انتهائي سنجيده مسئلن کي سياست جي ور چاڙهيو پيو وڃي، سياسي مافيا  عزمِ استحڪام آپريشن کي تڪراري بڻائڻ چاهي ٿي، ڊجيٽل دهشتگردن ۽ عام دهشتگردن جو نشانو فوج آهي، ڊجيٽل دهشتگرد فوج ۽ عوام  جي رشتي کي ڪمزور ڪرڻ چاهن ٿا، ڪجهه عرصي دوران هٿياربند فوج خلاف پروپيگنڊا ۽ ڪوڙين خبرن ۾ اضافو ٿيو آهي. راولپنڊي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي  ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چيو ته پريس ڪانفرنس جو مقصد ڪجهه اهم معاملن تي فوج جو موقف واضح ڪرڻ آهي،  ڪجهه عرصي ۾ هٿياربند فوج خلاف منظم پروپيگنڊا، ڪوڙ، غلط ڄاڻ پکيڙڻ ۽ هٿ ٺوڪين خبرن ۾ اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته عزم استحڪام فوجي آپريشن نه پر دهشتگردي جي خاتمي لاءِ منظم مهم آهي، 22 جون تي عزم استحڪام آپريشن بابت اجلاس ٿيو، جنهن جو پڌرنامو به جاري ٿيو، اهو قومي بقا جو  معاملو آهي جنهن کي مذاق بڻايو ويو، سياسي مافيا چاهي ٿي ته عزمِ استحڪام آپريشن کي تڪراري بڻايو وڃي. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته ان آپريشن جو مقصد دهشتگردن ۽ ڏوهاري مافيا وچ ۾ رابطو ٽوڙڻ آهي، هو هر ڪلاڪ ۾ ڳجهي ڄاڻ جي بنياد تي چار کان پنج آپريشن ڪري رهيا آهن، ڪي پي ۽ بلوچستان ۾ سڀ کان وڌيڪ دهشتگردي آهي. ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چيو ته انتهائي سنجيده معاملن کي سياسي جي ور چاڙهيو پيو وڃي، عزم استحڪام آپريشن ان جو مثال آهي، هڪ مضبوط لابي چاهي ٿي ته عزم استحڪام جا مقصد پورا نه ٿين، آپريشن تي سياست ڪئي پئي وڃي، هڪ مافيا، سياسي ۽ غير قانوني مافيا چوي ٿي ته هو ان کي نه ٿيڻ ڏيندا. پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته بنون حملي ۾ دهشتگردن جي فائرنگ سبب ڪجهه شهري به شهيد ٿيا، بنون امن مارچ ۾ ڪجهه ماڻهن رياست ۽ فوج خلاف نعريبازي ڪري پٿراءُ ڪيو، اتي راشن جو ڊيپو ڦريو ويو، بنون واقعي تي فوج جو رسپانس ايس او پي ۽ آرڊر موجب هو. ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چيوته 9 مئي کانپوءِ ڏڦيڙي ٽولي چيو هو ته فوج ڇو نه روڪيو گولي ڇو نه هلائي؟ ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته 9 مئي جي رٿابندي ڪندڙن کي ڍَرَ ڏيڻ سان ملڪ ۾ ڏڦيڙ پکڙهندو، انهن دهشتگردن سان گڏ ڊجيٽل دهشتگرد هئا ۽ واقعي بعد پراڻيون تصويرون ڪڍي پروپيگنڊا ڪئي وئي، امن امان فوج نه پر صوبائي حڪومت جي  ذميواري آهي. پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته ڊجيٽل ۽ عام دهشتگردن جو مقصد هڪ ۽ ٻنهي جو نشانو پاڪ فوج آهي، ڊجيٽل دهشتگرد فوج ۽ عوام  جي رشتي کي ڪمزور ڪرڻ چاهن ٿا. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته فيڪ نيوز ۽ پروپيگنڊا ڪندڙن خلاف قانون تحت ڪارروائي ٿيندي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
30.8 ° C
30.8 °
30.8 °
29 %
1.9kmh
6 %
جمعو
31 °
ڇنڇر
33 °
آچر
34 °
سُومر
35 °
اڱارو
34 °

تازه ترين خبرون