- Advertisement -
عمرڪوٽ ويجهو اڻڄاتل جوابدارن ننڊ ستل اڌڙوٽ شخص کي ڇرين جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو.
ڳوٺ الهه ڏنو مهر ڀرسان ننڊ ستل خليفي احمد راڄڙ کي اڻڄاتل جوابدارن تيز ڌار اوزار سان حملو ڪري زخمي ڪري ڇڏيو.
وارثن زخمي کي کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتي هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.
پوليس واقعي واري هنڌ پهچي واردات ۾ استعمال ٿيل ڇري هٿ ڪري واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي.
وارثن جو چوڻ هو ته سندن ڪنهن سان به دشمني نه آهي، ظالمن پيرسن کي قتل ڪري ظلم ڪيو آهي.
هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.- Advertisement -
