تازه ترين
اسرائيل جو جنگي جنون ختم نه ٿيو، اسرائيلي ڪابينا بجيٽ 2026ع ۾ فوج لاءِ 35 بلين ڊالر جي وڏي رقم رکي ڪ... اسرائيلي فوج طرفان غزه ۾ بمباري جو سلسلو جاري آهي، والاريل اولهه ڪناري ۾ هڪ فلسطيني کي شهيد فٽبال جي عالمي تنظيم فيفا امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي فيفا امن ايوارڊ سان نوازي ڇڏيو ڪراچي جي علائقي گذري ۾ گھريلو تڪرار تان جوابدار ڇرين جا وار ڪري پنهنجي زال ۽ ڌيءَ کي قتل 1971ع جي جنگ ۾ وطن جي دفاع لاءِ جان جو نذرانو ڏيندڙ ميجر محمد شبير شريف شهيد جو اڄ 54 هون شهادت جو ڏ... آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ بغير نمبر پليٽ گاڏين ۽ بغير لائسنس گاڏين خلاف ڪاررواين جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو پاڪستان سعودي عرب ۾ افغانستان سان ڳالهين بابت افواهن کي رد ڪري ڇڏيو جمهوريت هميشه ڳالهين سان اڳتي وڌندي آهي، ڊيڊلاڪ ان کي ڪمزور ڪندو آهي : راڻا ثناءُ الله نوٽيفڪيشن بابت واويلا ڪندڙن کي قوم کان معافي وٺڻ گهرجي: عطا تارڙ وڏي وزير مراد علي شاهه جون 2027ع تائين گهوٽڪي-ڪنڌڪوٽ پل جو افتتاح ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو

عمرڪوٽ ڊاڪٽر شاهنواز جي قبر ڪشائي ٿيندي

- Advertisement -
ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر تي ڪسٽڊي ۾ تشدد ۽ مارجي وڃڻ بعد سندس لاش کي باھ ڏيڻ جي تصديق لاءِ سڀاڻي سندس قبر ڪشائي ڪئي ويندي. ميرپورخاص پوليس ھٿان جعلي مقابلي ۾ مارجي ويل عمرڪوٽ واسي ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر کي پوليس جي تحويل ۾ ٽارچر ٿيڻ ۽ کيس قتل ڪرڻ کان پوءِ سندس لاش کي وارثن کان ڦري ان کي باھ ڏيڻ واري معاملي جي جاچ جي سلسلي ۾ ڪيس جي جاچ ڪندڙ ٽيم پاران سڀاڻي صبح جو 11 وڳي ڊاڪٽر شاھنواز جي قبر ڪشائي ڪئي ويندي. پوليس پاران جڊيشل مئجسٽريٽ عمرڪوٽ کي ڪيل درخواست بعد سندس حڪم تي ڊي جي ھيلٿ ڊاڪٽر جي ٽيم پڻ جوڙي ڇڏي آھي. ڊاڪٽر شاھنواز ڪيس جي جاچ آفيسر ڊي ايس پي اسلم جاگيراڻي ٻڌايو تھ وارثن داخل ڪيل ايف آءِ آر ۾ موقف اختيار ڪيو آھي تھ ڊاڪٽر شاھنواز کي پوليس ڪسٽڊي ۾ ٽارچر ڪيو ويو ۽ سندس لاش کي بعد ۾ باھ بھ ڏني وئي، ان ڪري قبرڪشائي بعد ٿيندڙ پوسٽ مارٽم ۾ اھو معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي تھ واقعي لاش کي باھ ڏني وئي ھئي يا نھ؟ باھ ڏني وئي ھئي تھ اھا ڪيئن ڏني وئي؟ ان جي ڪيميڪل ايگزامنيشن پڻ ڪئي ويندي. هن چيو ته تشدد جي صورت ۾ ڊاڪٽر سندس ڪو ھڏ ڀڳل ھوندو تھ ان جو پڻ پوسٽ مارٽم ڪيو ويندو. ڊي ايس پي وڌيڪ ٻڌايو تھ پوسٽ مارٽم جي سلسلي ۾ ڊاڪٽر جي قبر مٿان پوليس پڻ طعينات ڪئي وئي آھي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
14.3 ° C
14.3 °
14.3 °
22 %
1.9kmh
89 %
آچر
17 °
سُومر
16 °
اڱارو
18 °
اربع
18 °
خميس
20 °

تازه ترين خبرون