ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر تي ڪسٽڊي ۾ تشدد ۽ مارجي وڃڻ بعد سندس لاش کي باھ ڏيڻ جي تصديق لاءِ سڀاڻي سندس قبر ڪشائي ڪئي ويندي.
ميرپورخاص پوليس ھٿان جعلي مقابلي ۾ مارجي ويل عمرڪوٽ واسي ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر کي پوليس جي تحويل ۾ ٽارچر ٿيڻ ۽ کيس قتل ڪرڻ کان پوءِ سندس لاش کي وارثن کان ڦري ان کي باھ ڏيڻ واري معاملي جي جاچ جي سلسلي ۾ ڪيس جي جاچ ڪندڙ ٽيم پاران سڀاڻي صبح جو 11 وڳي ڊاڪٽر شاھنواز جي قبر ڪشائي ڪئي ويندي.
پوليس پاران جڊيشل مئجسٽريٽ عمرڪوٽ کي ڪيل درخواست بعد سندس حڪم تي ڊي جي ھيلٿ ڊاڪٽر جي ٽيم پڻ جوڙي ڇڏي آھي.
ڊاڪٽر شاھنواز ڪيس جي جاچ آفيسر ڊي ايس پي اسلم جاگيراڻي ٻڌايو تھ وارثن داخل ڪيل ايف آءِ آر ۾ موقف اختيار ڪيو آھي تھ ڊاڪٽر شاھنواز کي پوليس ڪسٽڊي ۾ ٽارچر ڪيو ويو ۽ سندس لاش کي بعد ۾ باھ بھ ڏني وئي، ان ڪري قبرڪشائي بعد ٿيندڙ پوسٽ مارٽم ۾ اھو معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي تھ واقعي لاش کي باھ ڏني وئي ھئي يا نھ؟ باھ ڏني وئي ھئي تھ اھا ڪيئن ڏني وئي؟ ان جي ڪيميڪل ايگزامنيشن پڻ ڪئي ويندي.
هن چيو ته تشدد جي صورت ۾ ڊاڪٽر سندس ڪو ھڏ ڀڳل ھوندو تھ ان جو پڻ پوسٽ مارٽم ڪيو ويندو.
ڊي ايس پي وڌيڪ ٻڌايو تھ پوسٽ مارٽم جي سلسلي ۾ ڊاڪٽر جي قبر مٿان پوليس پڻ طعينات ڪئي وئي آھي.