- Advertisement -
عمرڪوٽ ۾ جڙتو مقابلي ۾ ماريل ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي وارثن واقعي جي عدالتي جاچ ڪرائڻ جي گهر ڪئي آهي.
ڊاڪٽر شاهنواز جي والد جو چوڻ آهي ته سندس پٽ کي ڪوڙي پوليس مقابلي ۾ ماريو ويو آھي.
هن چيو ته پٽ جو لاش دفنائڻ نه ڏنو ويو، وڳوڙين لاش ٻاھر ڪڍي ساڙي ڇڏيو، ايس پي عمرڪوٽ ڪوڙ ٿو ڳالھائي، عدالتون ۽ بلاول ڀٽو زرداري نوٽيس وٺن.
ڊاڪٽر شاهنواز جي امڙ جو چوڻ هو ته شاھنواز ڪنڀر سچو مسلمان ۽ نماز پڙھندڙ ھو، سندس پٽ کي بيگناھ ماريو ويو آهي.
هن چيو ته شاھنواز کي قتل ڪندڙ ڪندڙ پوليس عملدارن سان گڏ ڳوٺ جي مولوي، وڳوڙين ۽ لاش ساڙيندڙن کي به جاچ ۾ شامل ڪيو وڃي.
ڊاڪٽر شاهنواز جي گهرواري چيو ته سندس مڙس کي بيگناھ قتل ڪري سندس ٻچڙن کي يتيم ڪيو ويو.
هن چيو ته ڊاڪٽر شاھنواز عاشق رسول ھو، واقعي جي عدالتي جاچ ڪرائي وڃي، پوليس انڪوائري کي نٿا مڃن.- Advertisement -
