تازه ترين
سنڌ سرڪار پاران سنڌ سيڊ ڪارپوريشن ۾نئين جديدطريقي سان اصلاحات آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آئيني ترميم واري معاملي تي اڳڀرائي نه ٿيڻ سبب قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جا اجلاس اڻڄاڻايل مدي تائين ملتوي افغان پناهگيرن کي گند کڻڻ جي اجازت ڏيڻ جو عمل غير قانوني آهي:سعيد غني آئيني ترميمون دليري سان پيش ڪندا، مخالف ڌر کي گهٻرائڻو ناهي:اعظم نذير تارڙ ايشين هاڪي چيمپئنز ٽرافي جي سيمي فائنل ۾ ميزبان چين سنسني خير مقابلي بعد پاڪستان کي شڪست ڏئي فائنل ل... آئيني عدالت قائم ڪرڻ جي تجويز ميثاق جمهوريت ۾ موجود آهي:خواجه آصف سياسي رابطن ۽ جوڙ ٽوڙ باوجود آئيني ترميمون اڻ ڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪرڻ جي مسلم ليگ نون جي سينيٽر ع... سنڌ حڪومت جي ايڪسائيز کاتي اهم قدم کڻندي گاڏين جي رجسٽريشن ۽ ٽرانسفر لاءِ بائيو ميٽرڪ تصديق لازمي ڪر... هي ڪهڙي قسم جون ترميمون آهن، جيڪي ڪابينا، وزيرن، اتحادين ۽ مخالف ڌر کان به لڪايون پيون وڃن:حافظ حمد ... ننگرپارڪر ۾ سنڌ سرڪار طرفان ڪارونجهر جبل جي امڪاني نيلامي خلاف ڌرتي ڌڻي هڪ ڀيرو ٻيهر روڊن تي نڪري آي...

عوام جي شڪايتن جي حل لاءِ ڪي ايم سي ۽ ٽائون انتظاميه جوڳا اپاءَ وٺن: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو آھي عوام جي شڪايتن جي فوري حل لاءِ ڪي ايم سي ۽ ٽائون انتظاميه جوڳا اپاءَ وٺن.

مرتضيٰ وھاب  ايم ڊي سنڌ سالڊ ويسٽ مينجمينٽ بورڊ امتياز علي شاهه سان گڏ شھر جي مختلف علائقن جو دورو ڪري پاڻي جي نيڪال جي ڪم جو معائنو ڪري شهرين کي رليف فراهم ڪرڻ جون ھدايتون ڪيون.

ميئر ڪراچي،  شهيد ملت روڊ، شاهراهه فيصل، نرسري، ٽيپو سلطان روڊ، نيو ايم اي جناح روڊ، سولجر بازار، مزار قائد روڊ، نمائش، ايم اي جناح روڊ جو تفصيلي دورو ڪيو.

مرتضيٰ وھاب چيو ته  دوري دوران صفائي سٿرائي جو عملو به علائقن ۾ موجود هو، پاڻي جي نيڪال ۽ ڪچرو کڻڻ جو ڪم جاري آهي.

ھن چيو ته موسميات کاتي جي وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي کي نظر ۾ رکندي سمورو عملو الرٽ آھي ۽ موڪلون به رد ڪيون ويون آھن.

مرتضيٰ وهاب چيو ته عوامي شڪايتن جي فوري ازالي لاءِ قدم کنيا وڃن.

سندس چوڻ ھو ته   گذريل رات تيز برسات کانپوءِ پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ آفيسر ۽ عملو رات دير تائين روڊن تي  موجود رھيا.

ميئر ڪراچي مرتضيٰ وھاب چيو ته پاڻي نيڪال ٿيڻ کانپوءِ رات جو ڪيترائي روڊ صاف ڪيا ويا،  امڪاني برساتن کي نظر ۾ رکندي ايمرجنسي لاڳو رهندي،   شڪايت داخل ڪرڻ لاءِ هيلپ لائن تي رابطو ڪيو وڃي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
117,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
20.2 ° C
20.2 °
20.2 °
58 %
3.2kmh
0 %
اڱارو
28 °
اربع
29 °
خميس
28 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
29 °

تازه ترين خبرون