تازه ترين

غزا تي اسرائيلي وحشياڻي بمباري جاري، وڌيڪ 306 فلسطيني شهيد

- Advertisement -
غزا تي اسرائيلي وحشياڻي ڪاررواين دوران وڌيڪ 306 فلسطيني شهيد ٿي ويا. فلسطيني صحت واري وزارت طرفان جاري  بيان موجب،گذريل 24 ڪلاڪن دوران اسرائيلي حارحيت ۾ وڌيڪ 306 فلسطيني شهيد ٿي ويا جنهن کانپوءِ 7 آڪٽوبر کان هن وقت تائين شهيد ٿيلن جو انگ 10 هزار 328 ٿي ويو آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران اسرائيلي ڪاررواين ۾ 78 عورتون ۽ 139   ٻار شهيد ٿيا. مجموعي طور تي غزه ۾ هن وقت تائين 27 سئو 19 عورتون ۽ 42 سئو 37 ٻار شهيد ٿي چڪا آهن. فلسطيني صحت واري وزارت ٻڌايو ته اسرائيلي جارحيت ۾ زخمي فلسطيني جو انگ 25 هزار 965  کان وڌي ويو آهي. بيان  ۾ گڏيل قومن ۽ ريڊ ڪراس سوسائٽي کان مطالبو ڪيو وي ته طبي مرڪزن ۽ ايمبولينسن کي تحفظ فراهم ڪري اسرائيل جي حارحيت روڪرائي وڃي. ان کان اڳ حڪومت ميڊيا آفيس طرفان جاري بيان ۾ ٻڌايو ويو هو ته اسرائيلي بمباري سبب هر منٽ ۾ هڪ زخمي اسپتال پهچندو آهي جڏهن ته هر ڪلاڪ ۾ 15 ميتون اسپتال ۾ پهچايون وينديون آهن…..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
6 ° C
6 °
6 °
18 %
0.9kmh
98 %
ڇنڇر
16 °
آچر
17 °
سُومر
17 °
اڱارو
18 °
اربع
16 °

تازه ترين خبرون