تازه ترين

غزا تي اسرائيلي وحشياڻي بمباري ۾ 300 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي ويا

غزا تي اسرائيلي وحشياڻي بمباري ۾ 300 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي ويا.

ميڊيا رپورٽن موجب اسرائيلي فوج غزا جي معصوم شهرين تي پنهنجي وحشياڻي بمباري 31 هين ڏينهن به  جاري رکيون آيو، جنهن جي نتيجي ۾ 300 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي ويا.

يهودي فوج جي بمباري ۾  شهيدن جو انگ 10 هزار کان وڌي ويو جنهن ۾ 4 هزار ٻار ۽ 2600 عورتون شامل آهن.

اسرائيلي بمباري سبب 15 لک کان وڌيڪ ماڻهو بي گهر بڻجي ويا، اسڪول، اسپتالون، گهر ۽ ڪئمپون تباهه ڪيون ويون.

تيل روڪڻ بعد يهودي فوج اسپتالن جي سولر پينلز کي نشانو بڻائڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي.

اولهه ڪناري ۾ 7 آڪٽوبر کان هن وقت تائين 140 فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن.

اسرائيلي صحت واري وزارت جي ترجمان جو چوڻ آهي ته هن وقت تائين اسرائيلي بمباري ۾ 192 طبي ورڪرز سهيد جڏهنته 32 ايمبولينس تباهه ٿي چڪيون آهن.

ترجمان موجب  اسرائيلي بمباري سبب 16 اسپتالون بند ٿي چڪيون آهن، بيڪرين کي نشانو بڻائڻ سبب خوراڪ جو بحران وڌي ويو آهي.

 

هوڏانهن حماس لبنان مان اسرائيلي شهر حيفا تي 16 راڪيٽن سان حملا ڪري يهودي فوج جون 5 ٽينڪون  تباهه ڪري ڇڏيون آهن.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
118,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
16.5 ° C
16.5 °
16.5 °
22 %
2kmh
0 %
آچر
25 °
سُومر
26 °
اڱارو
27 °
اربع
28 °
خميس
26 °

تازه ترين خبرون