تازه ترين

غزا تي اسرائيل جو جنگي جنون برقرار، 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 271 فلسطيني شهيد

عالمي دهشتگرد اسرائيل جي اڄ 27 هين ڏينهن به بمباري بعد غزه شهر کي ٽينڪن سان گهيري هيٺ آڻي ڇڏيو، شهيد فلسطينين جو انگ 9 هزارن کان وڌي ويو آهي.

ميڊيا رپورٽن موجب يهودي فوج غزه کي چئني پاسن کان گهيري هيٺ آڻي فلسطينين جي نسل ڪشي ڪرڻ ۾ لڳي وئي آهي.

7 نومبر کان وٺي هن وقت تائين يهودي فوج جي بمباري ۾ شهيد فلسطينين جو انگ 9 هزار 200 ٿي ويو، جنهن ۾ 24 هزار فلسطيني شهري زخمي ٿي پيا آهن.

يهودي فوج جباليه ڪيمپ تي هڪ وڌيڪ حملو ڪيو آهي جنهن ۾  30 فلسطيني شهيد ٿي ويا، البريج پناهه گيرن جي ڪئمپ تي بمباري ۾ 29 فلسطينين شهادت ماڻي آهي.

اسرائيلي فوج جي بمباري سبب فلسطيني ٽي وي جو صحافي 11 گهر ڀاتين سميت شهيد ٿي ويو  جڏهن ته  هڪ ٻيو صحافي محمد البياري به يهودي فوج جو نشانو بڻيو.

يهودي فوج جي  رهائشي عمارت تي بم ڪيرائڻ دوران 15 فلسطيني  اجل جو شڪار ٿي ويا.

غزه جي واحد ڪينسر اسپتال  ۾ علاج بند ٿيڻ سبب چئن  مريضن پڻ تڙپي تڙپي دم ڌڻي حوالي ڪيو.

فلسطيني صحت واري وزارت جو چوڻ آهي ته فلسطيني شهيدن ۾ 3هزار 760 کان وڌيڪ ٻار ۽ ٻه هزار 326 عورتون شامل آهن جڏهن ته  32 هزار فلسطيني زخمي ٿيا آهن.

حماس ۽ حزب الله جي اسرائيلي فوج جي خلاف جوابي ڪارروائي به جاري آهي، اسرائيلي شهر ڪريات شمونه تي ڏکڻ لبنان کان راڪيٽن سان حملا ڪيا ويا جنهن سبب ڪيترن ئي گاڏين ۽ عمارتن کي باهه لڳي وئي.

لبنان جي سرحد تي به بمباري سبب 5 لبناني شهري شهيد ٿي ويا.

لبنان طرفان به فائر ڪيل ميزائلن سبب اسرائيلي ڊرون تباهه ٿي ويا،  حزب الله ٻن هٿيارن سان ليس ڊرونز سان اسرائيلي هدفن کي ڪاميابي سان نشانو بڻائڻ جي پڻ دعويٰ ڪئي آهي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
101,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
13.1 ° C
13.1 °
13.1 °
27 %
4.4kmh
2 %
اڱارو
13 °
اربع
15 °
خميس
16 °
جمعو
16 °
ڇنڇر
16 °

تازه ترين خبرون