تازه ترين

غزا جي پناهگير ڪيمپ ۾ اسرائيلي فوج جي مسجد تي بمباري جي نتيجي ۾ 100 فلسطيني شهيد

- Advertisement -
اسرائيلي فوج، غزا جي علائقي الدراج ۾ اسڪول تي حملو ڪري وڌيڪ 100 فلسطينين کي شهيد ڪري ڇڏيو، جڏهن ته قطر، مصر ۽ آمريڪا طرفان حماس تي اسرائيل سان ڳالهين لاءِ دٻاءُ وڌو پيو وڃي. پرڏيهي ميڊيا موجب، اسرائيلي فوج جي غزا جي علائقي الدراج ۾ فلسطيني پناهگيرن جي اسڪول تي حملي جي نتيجي ۾ هڪ کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ۽ ڪيترائي زخمي تي پيا. اسرائيل فجر جي نماز وقت اسڪول تي حملو ڪيو ۽ اسرائيل دعويٰ ڪئي آهي ته اسڪول حماس جو هيڊڪوارٽر هو، جتي دهشتگرد موجود هئا. گذريل سال آڪٽوبر کان غزا تي اسرائيلي حملن ۾ هن وقت تائين 39 هزار 700 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ۽ 91 هزار کان وڌيڪ زخمي ٿي چڪا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب، قطر، مصر ۽ آمريڪا، اسرائيل ۽ حماس تي 15 آگسٽ تي جنگبندي ڳالهيون شروع ڪرڻ بابت دٻاءُ وجهي رهيا آهن، جڏهن ته فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس ان حوالي سان ڪنهن قسم جو تبصرو ناهي ڪيو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
26.6 ° C
26.6 °
26.6 °
36 %
5.6kmh
19 %
خميس
27 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
30 °
آچر
33 °
سُومر
34 °

تازه ترين خبرون