- Advertisement -
اسرائيلي فوج، غزا جي علائقي الدراج ۾ اسڪول تي حملو ڪري وڌيڪ 100 فلسطينين کي شهيد ڪري ڇڏيو، جڏهن ته قطر، مصر ۽ آمريڪا طرفان حماس تي اسرائيل سان ڳالهين لاءِ دٻاءُ وڌو پيو وڃي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، اسرائيلي فوج جي غزا جي علائقي الدراج ۾ فلسطيني پناهگيرن جي اسڪول تي حملي جي نتيجي ۾ هڪ کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ۽ ڪيترائي زخمي تي پيا.
اسرائيل فجر جي نماز وقت اسڪول تي حملو ڪيو ۽ اسرائيل دعويٰ ڪئي آهي ته اسڪول حماس جو هيڊڪوارٽر هو، جتي دهشتگرد موجود هئا.
گذريل سال آڪٽوبر کان غزا تي اسرائيلي حملن ۾ هن وقت تائين 39 هزار 700 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ۽ 91 هزار کان وڌيڪ زخمي ٿي چڪا آهن.
پرڏيهي ميڊيا موجب، قطر، مصر ۽ آمريڪا، اسرائيل ۽ حماس تي 15 آگسٽ تي جنگبندي ڳالهيون شروع ڪرڻ بابت دٻاءُ وجهي رهيا آهن، جڏهن ته فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس ان حوالي سان ڪنهن قسم جو تبصرو ناهي ڪيو.- Advertisement -
