غزا ۾ اسرائيلي فوج جي دهشتگرد ڪاررواين ۾ وڌيڪ 80 فلسطيني شهيد ٿي ويا.
اسرائيلي فوج اتر جباليه جي علائقي ۾ گهرن تي بمباري ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ 22 ٻارن ۽ 15 عورتن سوڌو 50 فلسطيني شهيد ٿي ويا.
اسرائيلي فضائي حملن کانپوءِ جباليه جي اسپتال ۾ وڌيڪ 9 لاش آندا ويا جن ۾ 7 ٻار شامل هئا.
پرڏيهي ميڊيا موجب، اربع تي اسرائيل فوج جي بمباري ۾ مجموعي طور تي 80 فلسطيني شهيد ٿي ويا.
اسرائيلي فوج اڱاري تي جباليه ۽ ڀرپاسي جا علائقين کي لڏ پلاڻ جي وارننگ ڏني هئي جنهن کانپوءِ اسرائيل طرفان راڪيٽ فائر ڪيا ويا.
اسرائيلي فوج جي دعويٰ ڪئي آهي ته اتر غزا ۾ حماس ۽ فلسطيني ويڙهاڪن کي نشانو بڻايو ويو آهي……..