اسرائيل جي غزه تي بمباري جاري آهي، گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 35 فلسطيني شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا، اسرائيلي فوج جي وحشياڻين ڪاررواين تي سلامتي ڪائونسل جو صبر جواب ڏيڻ لڳو، سربراهه سلامتي ڪائونسل طرفان نيتن ياهو حڪومت خلاف ڪارروائي غور ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو.
عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته اسرائيل گهرن ۽ پناهگير ڪيپمن کي نشانو بڻايو، ڪاليج ۾ پناهه وٺندڙ بي گهر فلسطينين تي هوائي حملي ۾ 2 ڄڻا شهيد ٿي ويا جڏهن ته رهائشي عمارت تي بمباري ۾9 فلسطينين شهادت جو جام پيتو.
عرب ميڊيا موجب، اسرئيلي ڪاررواين ۾ هن وقت تائين شهيد فلسطينين جو مجموعي انگ 40 هزار 819 ٿي ويو جڏهن ته 94 هزار 281 ماڻهو زخمي ٿي چڪا آهن.
ٻئي پاسي اولهه ڪناري ۾ به اسرائيل جو آپريشن جاري آهي، طولڪرم، هيبرون ۽ جنين ۾ ڪارروايون ڪري رهي آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، اولهه ڪناري ۾ هن وقت تائين682 فلسطيني شهيد ۽ 5 هزار 700 ماڻهو زخمي ٿي چڪا آهن، جڏهن ته بمباري سبب پاڻي جا کوهه به تباهه ٿي ويا جنهن ڪري ماڻهو لڏپلاڻ تي مجبور ٿي ويا آهن.
ٻئي پاسي يرغمالين جي مارجڻ تي اسرئيلي عوام جو تل ابيب ۾ احتجاج مظاهرا جاري آهن.
تل ابيب ۾ نيتن ياهو جي گهر ۽ حڪمران جماعت جي آفيس ٻاهران هزارين ماڻهن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.
اسرائيلي ميديا موجب، پوليس سان چڪرين ۾ ڪيترائي مظاهرين زخمي ٿي پيا جڏهن ته پوليس ڪيترن کي ئي گرفتار ڪري ورتو.
مظاهرين جو چوڻ آهي ته اسرائيلي وزيراعظم جلد حماس سان معاهدو ڪري ٻي صورت ۾ سندس احتجاج جاري رهندو.