- Advertisement -
غزا ۾ پناهگيرن جي اسڪول تي اسرائيلي فوج جي حملي ۾ 30 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ۽ هڪ سئو کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب اسرائيلي فوج دير البلح ۾ پناهگيرن جي اسڪول تي حملو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ 30 کان وڌيڪ انساني جانيون ضايع ٿي ويون آهن.
حملي ۾ زخمي ٿيل هڪ سئو کان وڌيڪ فلسطينين کي اسپتالن ۾ منتقل ڪيو ويو آحي، جتي علاج جاري آهي.
هوڏانهن خان يونس جي اوڀرندي علائقي ۾ هڪ هفتي کان هلندڙ بمباري ۾ هڪ سئو 70 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ۽ ٻن لکن کان وڌيڪ شهري دربدر ٿي ويا آهن.
پرڏيهي ميڊيا موجب اسرائيلي فوج فلسطيني شهرين کي خان يونس جو علائقو خالي ڪرڻ جي وارننگ به ڏئي ڇڏي آهي.
غزا ۾ فلسطيني شهرين جي مزاحمت دوران هڪ يهودي فوجي مارجي ويو ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن….- Advertisement -
