تازه ترين

غزه تي اسرائيلي بمباري جاري آهي، گذريل 24 ڪلاڪن دوران 82 فلسطيني اسرائيلي دهشتگردي جي ور چڙهي ويا

غزه تي اسرائيلي بمباري جاري آهي، گذريل 24 ڪلاڪن دوران 82 فلسطيني اسرائيلي دهشتگردي جي ور چڙهي ويا، جڏهن ته هڪ سئو کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن.

فلسطيني ميڊيا جو چوڻ آهي ته اسرائيلي فوج امداد جي انتطار ۾ بيٺل فلسطيني تي فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ 17 ڄڻا شهيد ٿي ويا،  يهودي فوج جي جهازن دير البلاح ۽ خان يونس تي به بمباري ڪئي.

فلسطيني ميڊيا موجب، شهيدن جو مجموعي انگ 32 هزار 705 ٿي ويو جڏهن ته 75 هزار 190 ماڻهو زخمي ٿي چڪا آهن.

ٻئي پاسي لبنان ۾ يو اين جي گاڏي تي يهودي فوج جي شيلنگ ۾ امن مشن جا ٽي اهلڪار زخمي ٿيا آهن.

گڏيل قومن جو چوڻ آهي ته امن اهلڪارن کي نشانو بڻائڻ قبولڻ جوڳو نه آهي، اهلڪارن جي حفاظت هر صورت ۾ يقيني بڻائي وڃي.

ٻئي پاسي اتر غزه ۾ حماس جي ويڙهاڪن اسرائيلي فوجي گاڏين تي حملا ڪيا آهن جنهن جي نتيجي ۾ هڪ يهودي فوجي مارجي ويو ۽ ڪيتريون ئي گاڏيون تباهه ٿي ويون آهن

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
108,000SubscribersSubscribe
Pakistan
moderate rain
12.9 ° C
12.9 °
12.9 °
70 %
4.5kmh
31 %
ڇنڇر
13 °
آچر
16 °
سُومر
18 °
اڱارو
21 °
اربع
22 °

تازه ترين خبرون