تازه ترين

غزه تي اسرائيلي بمباري ۾ شهيد فلسطينين جو انگ 15  سئو 70 ٿي ويو جن ۾ ساڍا چار سئو ٻار ۽ 248 عورتون شامل

غزه تي اسرائيلي بمباري ۾ شهيد فلسطينين جو انگ 15  سئو 70 ٿي ويو جن ۾ ساڍا چار سئو ٻار ۽ 248 عورتون شامل آهن،  جڏهن ته 7 هزار 2 کان وڌيڪ فلسطيني زخمي ٿيا آهن، اسرائيل يرغمالين جي آزاديءَ تائين پاڻي ۽ ٻارڻ فراهم نه ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، ريڊ ڪراس موجب غزا جي اسپتالن ۾ بجلي فراهمي بند ٿيڻ واري آهي، جنهن ڪري اسپتالون مرد خانن  ۾ تبديل ٿيڻ جو خدشو آهي.

غزا ۾ اسرائيلي حملا جاري آهن، خوراڪ، پاڻي ۽ بجلي جي فراهمي بند ٿيڻ سبب اتي صورتحال بدترين ٿيندي پئي وڃي.

غزا تي اسرائيلي بمباري ۾ اڍائي هزار گهر تباهه ۽ 30 هزار کان وڌيڪ گهرن کي جزوي نقصان پهتو آهي.

اسرائيلي بمباري ۾ بي گهر ٿيل فلسطينين جو انگ 3 لک 38 کان به وڌي ويو آهي، 2 لک 20 هزار فلسطيني گڏيل قومن جي اسڪولن ۾ پناهه وٺڻ تي مجبور آهن جڏهن ته هڪ لک کان وڌيڪ فلسطيني پنهنجي مائٽن ۽ گرجا گهرن ۾ رهڻ تي مجبور ٿي ويا آهن.

غزا ۾ اسپتالن ۾ زخمين لاءِ بسترا ۽ دوائن جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي جڏهن ته بجلي بند ٿيڻ سبب وينٽي ليٽرز هلائڻ چئلينج بڻجي ويو آهي.

عالمي ريڊ ڪراس ڪميٽيءَ خبردار ڪيو آهي ته غزا جي اسپتالن ۾ بجلي جي فراهمي بند ٿيڻ سبب اهي مرده خانن ۾ تبديل ٿيڻ جو خطرو آهي.

ريڊ ڪراس جي وچ اوڀر بابت علائقائي ڊائريڪٽر  موجب ڇڪتاڻ سبب پيدا ٿيل انساني صورتحال خراب آهي، هو ڌرين کي درخواست ٿو ڪري ته شهرين جون ڏکيائيون گهٽ ڪيون وڃن.

هن چيو ته غزا ۾ بجلي جي کوٽ سبب اسپتالن ۾ بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي آهي، جنهن سان تازن ڄاول ٻارن کي انڪيوبيوٽر ۽ وڏي عمر جي مريضن کي آڪسيجن تي رکڻ جو خطرو آهي، گڙدي جي ڊائلاسز بند ٿي ويندي آهي.

اسرائيل يرغمالين جي آزاديءَ تائين غزا کي بجلي ۽ پاڻي جي فراهمي بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.

اسرائيل اتر غزا جي 11 لک آبادي کي 24 ڪلاڪن ۾ علائقو ڇڏڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي.

هوائي ۽ سامونڊيءَ بمباري کانپوءِ اسرائيل غزه ۾ زميني آپريشن جي ڌمڪي ڏيندي ٽي لک ريزرو فوجي غزه جي سرحد تي موڪلي ڇڏيا ۽ اسرائيلي فوج طرفان غزا ۾ ٽينڪن ذريعي چڙهائي ڪرڻ جي رٿابندي ڪئي پئي وڃي.

حماس جي حملن ۾ مارجي ويل اسرائيلين جو انگ 13 سئو کان وڌي ويو جڏهن ته 3 هزار کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا.

حماس جي حملن ۾ 22 آمريڪي ۽ 188 اسرائيلي فوجين جي مارجڻ جي تصديق ٿي جڏهن ته تل ابيب سميت ٻين شهرن ۾ ڪيترن ئي هدفن کي به نقصان پهتو آهي.

حماس جي سربراهه اسماعيل هانيه جو چوڻ آهي ته اسرائيل جي زميني حملن جو جواب ڏيڻ لاءِ تيار آهن، سندس ويڙهاڪ پوري طرح الرٽ آهن، اسرائيل کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو، فلسطين ڪو باغ ناهي جتان اسرائيلي فورسز کي ڀليڪار ڪيو وڃي، اردن ۽ لبنان ۾ هزارين ماڻهن ساڻن گڏ آهن.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
102,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
13.5 ° C
13.5 °
13.5 °
37 %
1.5kmh
1 %
اربع
15 °
خميس
15 °
جمعو
15 °
ڇنڇر
15 °
آچر
15 °

تازه ترين خبرون