غزه تي اسرائيلي جارحيت جاري آهي، گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 81 فلسطيني شهيد ۽ 116 زخمي ٿيا آهن.
فلسطيني ميڊيا جو چوڻ آهي ته اسرائيلي حملن ۾ شهيدن جو انگ 31 هزار 726 ٿي ويو جڏهن ته 73 هزار 792 ماڻهو زخمي ٿي چڪا آهن.
ٻئي پاسي يونيسف جو چوڻ آهي ته غزه ۾ 13 هزار ٻار شهيد ٿي چڪا آهن.
يونيسف موجب، غزه ۾ جاري قتل عام کي روڪڻ لاءِ فوري جنگ بندي جي ضرورت آهي.
هوڏانهن گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس جو چوڻ آهي ته غزه ۾ ڏڪار جي خطري بابت رپورٽ خطرناڪ آهي، ان کي روڪي سگھجي ٿو، اسرائيلي غزه ۾ امدادي سامان جي فراهمي کي ممڪن بڻائي………..