غزه تي اسرائيلي حملا جاري آهن، تازن حملن ۾ وڌيڪ 46 فلسطيني شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.
غير ملڪي ميڊيا رپوٽن موجب، اسرائيلي جهازن شجاعيه ۾ مواصلاتي ڪمپني تي هوائي حملو ڪيو جنهن ۾ ٽاور تي ڪم ڪندڙ 4 ملازم سخت زخمي ٿي پيا.
والاريل اولهه ڪناري ۾ به اسرائيلي فوج جي فائرنگ ۾ ٻن ٻارن سميت 3 فلسطيني شهيد ٿي ويا.
صحت واري وزارت جو چوڻ آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران غزه ۾ اسرائيلي حملن ۾ وڌيڪ 60 فلسطيني شهيد ٿي ويا،.
ٻئي پاسي اتر غزه ۾ حماس جي حملي ۾ ٽي اسرائيلي فوجي مارجي ويا.
اسرائيلي فوجي ترجمان جو چوڻ آهي ته گذريل ڏينهن اتر غزه ۾ ويڙهه دوران ٽي فوجي ماريا ويا جنهن کانپوءِ مارجي ويل فوجين جو انگ 399 ٿي ويو آهي.