تازه ترين

غزه تي اسرائيلي دهشتگردي ۽ نسل ڪشي کي 216 ڏينهن ٿي ويا، يهودي فوج گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 60 فسلطينين کي شهيد ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
غزه تي اسرائيلي دهشتگردي ۽ نسل ڪشي کي 216 ڏينهن ٿي ويا، يهودي فوج گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 60 فسلطينين کي شهيد ڪري ڇڏيو. عرب ميڊيا موجب، غزه جي پٽي ۽ رفح تي تازن حملن ۾ وڌيڪ 12 فلسطيني شهيد ٿي ويا جڏهن ته يهودي فوج دير البلاح، الزيتون، ۽ ٻين علائقن تي 12 کان وڌيڪ گهرن تي بمباري پڻ ڪئي. عرب ميڊيا موجب، 7 آڪٽوبر کان هن وقت تائين 34 هزار 904 فلسطيني شهيد ۽ 78 هزار 514 زخمي ٿي چڪا آهن. ٻئي پاسي اسرائيل رفح ۾ وڏي زميني حملي جي تياري شروع ڪري ڇڏي. عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته اسرائيلي فوج غزه جي سرحد ڀرسان ٽينڪ بيهاري ڇڏيا اهن جڏهن ته ، اولهه واري علائقي تي گولا باري ڪئي پئي وڃي. اسرائيلي حملن کانپوءِ رفح مان 80 هزار فلسطينين لڏپلاڻ شروع ڪري ڇڏي آهي يهودي فوج اولهه ڪناري ۾ مختلف هنڌن تي ڇاپا هڻي 25 فلسطينين کي گرفتار ڪري اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو. ٻئي پاسي حماس رفح ۾ اسرائيلي فوج تي حملو ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ 3 يهودي فوجي زخمي ٿيا آهن. ٻئي پاسي فلسطين جي رڪنيت بابت گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جو خصوصي اجلاس اڄ ٿيندو. گڏيل عرب امارتن طرفان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ فلسطيني کي مڪمل آزاد ۽ خودمختيار رياست جو درجو ڏيڻ لاءِ قرار داد پيش ڪئي ويندي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
5 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
scattered clouds
24.5 ° C
24.5 °
24.5 °
56 %
6.3kmh
31 %
خميس
24 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
33 °
آچر
34 °
سُومر
35 °

تازه ترين خبرون