تازه ترين

غزه تي اسرائيلي دهشتگردي ۽ نسل ڪشي کي 216 ڏينهن ٿي ويا، يهودي فوج گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 60 فسلطينين کي شهيد ڪري ڇڏيو

غزه تي اسرائيلي دهشتگردي ۽ نسل ڪشي کي 216 ڏينهن ٿي ويا، يهودي فوج گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 60 فسلطينين کي شهيد ڪري ڇڏيو.

عرب ميڊيا موجب، غزه جي پٽي ۽ رفح تي تازن حملن ۾ وڌيڪ 12 فلسطيني شهيد ٿي ويا جڏهن ته يهودي فوج دير البلاح، الزيتون، ۽ ٻين علائقن تي 12 کان وڌيڪ گهرن تي بمباري پڻ ڪئي.

عرب ميڊيا موجب، 7 آڪٽوبر کان هن وقت تائين 34 هزار 904 فلسطيني شهيد ۽ 78 هزار 514 زخمي ٿي چڪا آهن.

ٻئي پاسي اسرائيل رفح ۾ وڏي زميني حملي جي تياري شروع ڪري ڇڏي.

عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته اسرائيلي فوج غزه جي سرحد ڀرسان ٽينڪ بيهاري ڇڏيا اهن جڏهن ته ، اولهه واري علائقي تي گولا باري ڪئي پئي وڃي.

اسرائيلي حملن کانپوءِ رفح مان 80 هزار فلسطينين لڏپلاڻ شروع ڪري ڇڏي آهي يهودي فوج اولهه ڪناري ۾ مختلف هنڌن تي ڇاپا هڻي 25 فلسطينين کي گرفتار ڪري اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو.

ٻئي پاسي حماس رفح ۾ اسرائيلي فوج تي حملو ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ 3 يهودي فوجي زخمي ٿيا آهن.

ٻئي پاسي فلسطين جي رڪنيت بابت گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جو خصوصي اجلاس اڄ ٿيندو.

گڏيل عرب امارتن طرفان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ فلسطيني کي مڪمل آزاد ۽ خودمختيار رياست جو درجو ڏيڻ لاءِ قرار داد پيش ڪئي ويندي.

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_facebook="1523504" manual_count_instagram="48,882"]
Pakistan
clear sky
23.8 ° C
23.8 °
23.8 °
25 %
1.6kmh
0 %
آچر
31 °
سُومر
31 °
اڱارو
34 °
اربع
37 °
خميس
37 °

تازه ترين خبرون