- Advertisement -
غزه تي اسرائيلي فورسز جا حملا جاري آهن، حملن ۾ وڌيڪ 15 ڄڻا شهيد ٿي ويا.
پرڏيهي ميڊيا موجب غزا ۾ يهودي فوج جي دهشتگردي جاري آهي، اسرائيلي فورسز غزه سٽي جي علائقي شيخ رضوان کي بمباري جو نشانو بڻايو، ريمل ۽ انڊونيشن اسپتال ڀرسان ڊرون حملي ۾ 3 فلسطيني شهيد ٿي ويا.
اهڙي طرح بيت الحنون تي اسرائيلي فوج حملو ڪيو، حملي جي نتيجي ۾ 6 فلسطيني شهيد ٿي ويا، جڏهن ته ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا.
هوڏانهن غزا ۾ هيل تائين اسرائيلي جنگ دوران شهيدن جو گڏيل انگ 45 هزار 436 ٿي ويو، جڏهن ته هڪ لک 8 هزار 38 زخمي ٿي چڪا آهن………..- Advertisement -
