غزه تي اسرائيلي فورسز جي وحشياڻن حملن کي 175 ڏينهن پورا ٿي ويا، فلسطيني ميڊيا آفيس جو چوڻ آهي ته 7 آڪٽوبر کان هن وقت تائين اسرائيلي فورسز غزه پٽي ۾ 2 هزار 888 وحشياڻا حملا ڪيا.
فلسطيني ميڊيا موجب، اسرائيلي حملن ۾ 39 هزار 623 فلسطيني شهيد ٿي ويا، شهيدن ۾ 14 هزار 350 ٻار ۽ 9 هزار 460 عورتون شامل آهن.
ميڊيا آفيس موجب، اسرائيلي حملن ۾ 32 هزار 623 شهيدن جا لاش اسپتال منتقل ڪيا ويا.
فلسطيني ميڊيا آفيس موجب، اسرائيلي حملن ۽ زخمين جو تعداد 75 هزار کان وڌي ويو آهي.
ميڊيا آفيس موجب، اسرائيلي حملن ۾ 364 طبي ڪارڪن، 48 امدادي رضاڪار ۽ 137 صحافي شهيد ٿي چڪا آهن.