غزه تي اسرائيل جي دهشتگردي جاري آهي، گذريل 24 ڪلاڪن دوران يهودي فوج جي حملن ۾ وڌيڪ 149 فلسطيني شهيد ڪيترائي زخمي ٿي پيا.
عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته 7 آڪٽوبر کان هن وقت تائين اسرائيلي حملن ۾ شهيد فلسطينين جو انگ 31 هزار 490 کان وڌي ويو آهي جڏهن ته 73 هزار 493 ماڻهو زخمي ٿي چڪا آهن.
عرب ميڊيا موجب، امداد جي منتظر فلسطينين تي اسرائيل جي هڪ وڌيڪ حملي ۾ 21 فلسطيني شهيد ۽ 150 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.
عرب ميڊيا موجب، اسرائيلي فوج ٽينڪن، هيليڪاپٽرن ۽ ڊورنز ذريعي ماڻهن کي نشانو بڻايو.
امداد لاءِ جمع فلسطينين تي حملن ۾ شهيدن جو انگ 400 تائين پهچي ويو آهي.