غزه جنگ بندي معاهدي تحت حماس پاران اڄ 4 اسرائيلي عورت فوجين کي آزاد ڪرڻ جو اعلان

- Advertisement -
غزه جنگ بندي معاهدي تحت فلسطين جي مزاحمتي تنظيم حماس اڄ 4 اسرائيلي عورت فوجي يرغمالين کي آزاد ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي جن جا نالا به جاري ڪيا ويا آهن. حماس ترجمان جو چوڻ آهي ته مغوي اسرائيلي فوج جي سپاهي ليري البارگ، ڪرينه ايريف، ڊينيئل گلبو ۽ نما ليوي جو نالو اڄ آزاد ٿيندڙ ۾ شامل آهن ۽ اهي سڀئي هڪ فوجي يونٽ جون ميمبر هيون. پرڏيهي ميڊيا موجب، 7 آڪٽوبر 2023 تي حماس جي اسرائيل تي حملي وقت چارئي اسرائيلي فوجي عورتون غزه ڀرسان مقرر هيون. پرڏيهي ميڊيا جو چوڻ آهي ته غزه جنگ بندي معاهدي تحت هر اسرائيلي فوجي جي بدلي 50 فلسطيني قيدين کي آزاد ڪيو ويندو جنهن موجب اڄ 200 فلسطيني قيدين جي به آزاد ڪيو ويندو. ياد رهي ته 19 جنوري تي حماس طرفان جنگ بندي معاهدي تحت پهريان ٽن اسرائيلي قيدين کي ريڊ ڪراس حوالي ڪيو هو جنهن کانپوءِ اسرائيلي جيل مان 90 فلسطيني قيدين کي آزاد ڪيو ويو هو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
19.3 ° C
19.3 °
19.3 °
14%
0.5m/s
23%
اڱارو
20 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
19 °

تازه ترين خبرون