اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان هڪ اهم ملاقات ڪئي، جنهن ۾ آمريڪا، غزه ۽ شام پاران لاڳو ڪيل سخت ٽيرف تي بحث ڪيو ويو.
پرڏيهي خابري اداري موجب اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو وائيٽ هائوس ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ملاقات ڪئي.
اسرائيلي وزيراعظم آمريڪا پاران لاڳو ڪيل سخت واپاري ٽيرف جي خلاف ٽرمپ سان سڌي ريت ڳالهائيندڙ پهريون پرڏيهي اڳواڻ بڻجي ويو.
آمرڪي صدر ٽرمپ اسرائيلي وزيراعظم سان ڳالهائيندي چيو ته هو ڪيترن ئي ملڪن سان ٽيرف تي وڏي اڳڀرائي ڪري آهي، ٽيرف لاڳو ٿيڻ کان روڪڻ تي غور نٿو ڪري.
آمريڪي صدر چيو ته هو چين، جاپان ۽ ٻين ملڪن سان ڳالهائيندو، ڪيترائي ملڪ ساڻن ٽيڪسن تي ڳالهائڻ چاهين ٿا.
ٽرمپ وڌيڪ چيو ته يورپي يونين کي آمريڪا کان توانائي خريد ڪرڻ گهرجي، يورپي يونين سان واپار مصفاڻو ۽ گڏيل هجڻ گهرجي.
آمريڪي صدر چيو ته غزه ۾ جنگ بند ٿيڻ ۾ گهڻو وقت نه لڳندو، غزه تي ڪنٽرول ۽ مالڪي هڪ سٺي ڳالهه آهي، هو حماس پاران قيد ڪيل يرغمالين کي آزاد ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن.
ٽرمپ جو وڌيڪ چوڻ هو ته هن اسرائيلي وزيراعظم سان ايران ۽ واپار تي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي، هو ايران سان سڌي طرح ڳالهيون ڪندو، ايران سان معاهدو ڪرڻ ترجيح آهي، ايران سان اعليٰ سطحي ڳالهيون ڇنڇر تي ٿينديون، ايران سان سڌين ڳالهين ۾ ڪو معاهدو به ٿي سگهي ٿو.
آمريڪي صدر ٻيهر ڌمڪي ڏني ته جيڪڏهن ايران سان ڳالهيون ڪامياب نه ٿيون ته ايران وڏي خطري ۾ هوندو، اهو نٿو ٿي سهي ته ايران وٽ ايٽمي هٿيار هجن، اسرائيل کي ٻڌايو آهي ته جيڪڏهن ان کي ترڪيه سان ڪو مسئلو آهي ته هو ان کي حل ڪندو.
ٻئي طرف اسرائيلي وزيراعظم جو چوڻ آهي ته هو غزه جي حوالي سان هڪ ٻئي معاهدي تي ڪم ڪري رهيا آهن، غزه جي ماڻهن کي ڪٿي به وڃڻ جو چونڊ ڪرڻ گهرجي، هو نٿا چاهين ته ترڪيه شام کي پنهنجن مقصدن لاءِ استعمال ڪري.
وائيٽ هائوس موجب، آمريڪي صدر ٽرمپ ۽ نيتن ياهو وچ ۾ طئي ٿيل گڏيل پريس ڪانفرنس ڪينسل ڪئي وئي آهي.