روس جي صدر ولاديمير پوتن چيو آهي ته غزه جي اسپتال ۾ ڌماڪي کانپوءِ اسرائيل ۽ حماس جي وچ ۾ تڪرار کي جلد کان جلد ختم ڪيو ويندو .
بيجنگ ۾ چين جي صدر شي جن پنگ سان ملاقات بعد روس جي صدر ولاديمير پوتن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسپتال تي حملو هڪ سانحو آهي، سوين ماڻهو مارجي ويا ۽ سوين زخمي ٿيا آهن .
هن چيو ته کيس اميد آهي ته اهو هڪ سگنل هوندو ته ان تڪرار کي جلد کان جلد حل ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ معاملن کي ان هنڌ تي وٺي وڃڻ جي ضرورت آهي جتي ڳالهه ٻولهه مڪمن ٿي سگهي