غزه جي پناهگير ڪيمپن ۽ اسپتالن تي اسرائيل جي فورسز جا حملا آهن، گذريل 24 ڪلاڪن دوران يهودي فوج هٿان وڌيڪ 66 فلسطيني شهيد ۽ هڪ سئو کان وڌيڪ زخمي ٿيا.
عرب ميڊيا موجب، عدوان اسپتال ڀرسان حملي ۾30 فلسطيني شهيد ٿي ويا جڏهن ته غزه جي الشفا اسٽريٽ تي اسرائيلي بمباري ۾ ٽن فلسطينين شهادت جو جام پيتو.
عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته اسرائيلي جنگ جهازن بيت لاهيه، جباليه ۽ بيت حنون کي به نشانو بڻايو، ان کان علاوه خان يونس تي بمباري ۾ 5 ۽ رفح ۾ 7 فلسطيني شهيد ٿي ويا
عرب ميڊيا موجب، آڪٽوبر 2023 کان هن وقت تائيل اسرائيلي حملن ۾ شهيد ٿيلن جو مجموعي انگ 44 هزار 56 ٿي ويو.
ٻئي پاسي حماس اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو ۽ اڳوڻي بچاءَ واري وزير يوو گيلنٽ جا گرفتاري وارنٽ جاري ٿيڻ جي آجيان ڪندي چيو آهي ته عالمي عدالت جنگي ڏوهن ۾ ملوث ٻين اسرائيلي اڳواڻن جا گرفتاري وارنٽ به جاري ڪري.
حماس ترجمان موجب، فلسطيني سرزمين تي ناجائز قبضو ڪندڙ ۽ جنگي ڏوهن ۾ ملوث اسرائيلي اڳواڻن جو عدالتي احتساب ٿيڻ گھرجي.
هوڏانهن امريڪا اسرائيلي وزيراعظم خلاف عالمي عدالت جي فيصلي کي هوا ۾ اڏائي ڇڏيو آهي.
وائٽ هائوس ترجمان جو چوڻ آهي ته نيتن ياهو خلاف ڪنهن به وارنٽ تي عمل نه ٿيندو، عالمي عدالت کي اهڙا حڪم جاري ڪرڻ جو حق ناهي، امريڪا اسرائيل جي دفاع جو پابندي آهي.