تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

غزه جي پناهگير ڪيمپن ۽ اسپتالن تي اسرائيلي فورسز جا حملا، گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 66 فلسطيني شهيد

- Advertisement -
غزه جي پناهگير  ڪيمپن ۽ اسپتالن تي اسرائيل جي فورسز جا حملا آهن، گذريل 24 ڪلاڪن دوران يهودي فوج هٿان وڌيڪ 66 فلسطيني شهيد ۽ هڪ سئو کان وڌيڪ زخمي ٿيا. عرب ميڊيا موجب، عدوان اسپتال ڀرسان حملي ۾30 فلسطيني شهيد ٿي ويا جڏهن ته غزه جي الشفا اسٽريٽ تي اسرائيلي بمباري ۾ ٽن فلسطينين شهادت جو جام پيتو. عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته اسرائيلي جنگ جهازن بيت لاهيه، جباليه ۽ بيت حنون کي به نشانو بڻايو، ان کان علاوه خان يونس تي بمباري ۾ 5 ۽ رفح ۾ 7 فلسطيني شهيد ٿي ويا عرب ميڊيا موجب، آڪٽوبر 2023 کان هن وقت تائيل اسرائيلي حملن ۾ شهيد ٿيلن جو مجموعي انگ 44 هزار 56 ٿي ويو. ٻئي پاسي حماس اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو ۽ اڳوڻي بچاءَ واري وزير يوو گيلنٽ جا گرفتاري وارنٽ جاري ٿيڻ جي آجيان ڪندي چيو آهي ته عالمي عدالت جنگي ڏوهن ۾ ملوث ٻين اسرائيلي اڳواڻن جا گرفتاري وارنٽ به جاري ڪري. حماس ترجمان موجب، فلسطيني سرزمين تي ناجائز قبضو ڪندڙ ۽ جنگي ڏوهن ۾ ملوث اسرائيلي اڳواڻن جو عدالتي احتساب ٿيڻ گھرجي. هوڏانهن امريڪا اسرائيلي وزيراعظم خلاف عالمي عدالت جي فيصلي کي هوا ۾ اڏائي ڇڏيو آهي. وائٽ هائوس ترجمان جو چوڻ آهي ته نيتن ياهو خلاف ڪنهن به وارنٽ تي عمل نه ٿيندو، عالمي عدالت کي اهڙا حڪم جاري ڪرڻ جو حق ناهي، امريڪا اسرائيل جي دفاع جو پابندي آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
8.5 ° C
8.5 °
8.5 °
52 %
1.4kmh
6 %
اربع
8 °
خميس
16 °
جمعو
18 °
ڇنڇر
19 °
آچر
19 °

تازه ترين خبرون