تازه ترين

غزه م دهشتگرد اسرائيل جا هٿين خالي فلسطينين تي وحشياڻا حملا جاري، 60 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ۽ ڪيترائي زخمي

- Advertisement -
غزه م دهشتگرد اسرائيل جا هٿين خالي فلسطينين تي وحشياڻا حملا جاري آهن، گذريل 24 ڪلاڪن دوران 60 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. عرب ميڊيا موجب، نصيرات ڪيمپ تي گهر مٿان بمباري، 14 فلسطيني شهيد ٿي ويا جڏهن ته رفح ۾ گاڏي تي حملي ۾ گڏيل قومن جي عملي جو ڪارڪن مارجي ويو. عرب ميڊيا موجب، 7 آڪٽوبر 2023 کان هن وقت تائين شهيدن جو انگ 35 هزار 100 ٿي ويو جڏهن ته  78 هزار 850 ماڻهو زخمي ٿي چڪا آهن. القسام برگيڊ اسرائيلي فوج تي حملن جي نئين ويڊيو جاري ڪري ڇڏي. القسام بريگيڊ ترجمان جو چوڻ آهي ته جباليه ڪيمپ ۾ اسرائيلي ٽينڪ کي ڊرون سان نشانو بڻايو ويو. ٻئي پاسي امريڪي پرڏيهي وزير قطري هم منصب سان ٽيلفونڪ رابطو  ڪيو جنهن دوران غزه جنگ جي تازي صورتحال ۽ جنگ بندي معاهدي بابت ڳالهيون ڪيون ويون. امريڪي پرڏيهي وزير انوني بلنڪن جو چوڻ هو ته امريڪا رفح ۾ وڏي زميني آپريشن جي حمايت نٿو ڪري، غزه لاءِ انساني امداد ۾ رنڊڪ نه وجهڻ گھرجي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
15.9 ° C
15.9 °
15.9 °
7 %
1.1kmh
38 %
اڱارو
20 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
18 °
ڇنڇر
17 °

تازه ترين خبرون