- Advertisement -
اسرائيل جي غزا ۾ بربريت جاري آهي، گذريل 24 ڪلاڪن دوران ٻه سئو کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي ويا، شهيد ٿيلن جو انگ وڌي 21 هزار 110 تائين پهچي ويو.
غزا سرڪاري ميڊيا انگ اکر جاري ڪندي چيو آهي ته اسرائيلي دهشتگردي ۾ شهيد فلسطينين جو انگ 21 هزار 110 ٿي ويو.
انگن اکرن موجب شهيد فلسطينين ۾ 8 هزار 800 ٻار ۽ 6 هزار 300عورتون شامل آهن.
اسرائيلي حملن ۾ 3 هزار 111طبي عملو ۽ شهري دفاع جا 40 ڄڻا شهيد ٿي ويا.
اسرائيلي بربريت ۽ جارحيت ۾ هڪ سئو کان وڌيڪ صحافي به شهيد ٿي ويا.
اسرائيلي حملن ۾ 55 هزار 243 فلسطيني زخمي ٿيا.
جاري رپورٽ موجب اسرائيلي حملن ۾ 7 هزار فلسطيني لاپتا ۽ ڪيترائي ملبي هيٺان دٻيل آهن.- Advertisement -
