غزه ۾ اسرائيلي جارحيت گھٽجي نه سگھي، وڌيڪ 132 فلسطني شهيد

- Advertisement -
غزه ۾ اسرائيلي جارحيت جاري آهي، يهودي فوج گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 132 فلسطينين کي شهيد ۽ 320 کي زخمي ڪري ڇڏيو. فسطيني صحت واري وزارت جو چوڻ آهي ته اسرائيلي حملن ۾ شهيد فلسطينين جو تعداد 24 هزار 285 ٿي ويو جڏهن ته زخمين جو انگ 61 هزار 154 ٿي ويو آهي. ٻئي پاسي امريڪي سينيٽ ۾ اسرائيلي ڪاررواين جي جاچ لاءِ  قرار داد تي ووٽنگ اڄ ٿيندي. عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته قراردار امريڪي سينيٽر برني سينڊرز گذريل مهيني پيش ڪئي هئي. عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته ٺهراءَ ۾ مطالبو ڪيو ويو هو ته امريڪي پرڏيهي کاتو اسرائيل جي فوجي مهم ۽ غزه ۾ عالمي قانونن تي عمل ڪرڻ جي جاچ ڪري. عرب ميڊيا موجب، امريڪي قانون انساني حقن جي ڀڃڪڙي ڪندڙن فوجن کي امداد ڏيڻ کان روڪيندو آهي. عرب ميڊيا جو وڌيڪ چوڻ آهي ته بائيڊن انتظاميا چئي چڪي آهي ته اسرائيلي زيادتين جي باقاعده جاچ نه ڪندا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
19.1 ° C
19.1 °
19.1 °
68%
3.5m/s
2%
خميس
24 °
جمعو
26 °
ڇنڇر
28 °
آچر
29 °
سُومر
28 °

تازه ترين خبرون