- Advertisement -
غزه ۾ اسرائيلي جهازن جي بي گهر فلسطينين تي بمباري جاري، گذريل 24 ڪلاڪن دوران حملن ۾ 90 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي ويا.
فلسطيني صحت واري وزارت جو چوڻ آهي ته اسرائيلي فوج 10 ڏينهن گڏيل قومن جي 8 پناهگير اسڪولن کي نشانو بڻايو.
سول ڊفينس جي اهلڪارن جو چوڻ آهي ته وچ غزه جي نصيرات پناهگير ڪيمپ تي تازي اسرائيلي حملي ۾ 14 فلسطيني شهيد ٿي ويا آهن.
گذريل 24 ڪلاڪن دوران غزه ۾ 90 فلسطيني اسرائيلي دهشتگردي جو نشانو بڻايا.
7آڪٽوبر 2023 کان هن وقت تائين اسرائيلي حملن ۾ شهيد فلسطينين جو انگ 38 هزار 794 ٿي ويو جڏهن ته 89 هزار 360 کان وڌيڪ زخمي ٿي چڪا آهن.
ٻئي طرف فلسطيني مزاحمتي گروپن به مارٽر گولن ۽ بارودي سرنگهن سان جوابي حملا ڪيا جنهن ۾ ڪيترائي اسرائيلي ٽينڪ تباهه ۽ ڪيترائي اسرائيلي فوج مارجي پيا.
هوڏانهن امريڪا امداد جي پهچ لاءِ غزه جي سامونڊي ڪناري تي عارضي بندرگاهه ختم ڪري ڇڏي آهي.
امريڪي فوج جو چوڻ آهي ته غزه جي سمنڊ ڪناري تي عارضي بندرفگاهه جو ميري ٽائم مشن مڪمل تباهه ٿي ويو جنهن کانپوءِ عارضي بندرگاهه جي وڌيڪ ضرورت نه آهي.
هوڏانهن فلسطيني مهاجرن لا ڪم ڪندڙ گڏيل قومن جي تنظيم “انروا” جو چوڻ آهي ته غزه ۾ اسرائيلي جارحيت جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ ملبي کي صاف ڪرڻ ۾ گھٽ ۾گھٽ 15 سال لڳي سگھن ٿا.- Advertisement -
