نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ غزا ۾ فلسطينين خلاف وڌندڙ اسرائيلي جي جارحيت جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته جباليه ڪيمپ تي هوائي حملي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت سوين جانين ضايع ٿيڻ افسوس جوڳو عمل آهي، بيگناهه شهرين تي هوائي حملا اسرائيل جي ظلم جو واضح ثبوت آهن، اهڙين مذمت جوڳين ڪاررواين کي معاف ۽ وساري نٿو سگهجي، فلسطين ۾ قتل عام روڪرائڻ لاءِ دنيا کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.
سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل ٽوئٽ ۾ انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته غزا ۾ فلسطينين خلاف وڌندڙ اسرائيلي جي جارحيت جي سخت مذمت ڪجي ٿي.
سندس چوڻ هو ته جباليه ڪيمپ تي هوائي حملي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت سوين جانين ضايع ٿيڻ افسوس جوڳو عمل آهي.
نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته بيگناهه شهرين تي هوائي حملا اسرائيل جي ظلم جو واضح ثبوت آهن، اهڙين مذمت جوڳين ڪاررواين کي معاف ۽ وساري نٿو سگهجي، فلسطين ۾ قتل عام روڪرائڻ لاءِ دنيا کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي…….