تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

غزه ۾ يهودي فوج جي بربريت جو سلسلو 8 مهينن کان جاري، 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ هڪ سئو فلسطيني شهيد ٿي ويا

- Advertisement -
غزه ۾ يهودي فوج جي بربريت جو سلسلو 8 مهينن کان جاري آهي، گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ هڪ سئو فلسطيني شهيد ٿي ويا جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿيا آهن. عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته غزه جي وچ وارن علائقن ۾ بمباري سبب 40 ڄڻا شهيد ٿي ويا جڏهن ته دير البلاح ۾ گهر تي حملي ۾ 24 ڄڻن شهادت جو جام پيتو. عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته 7 آڪٽوبر کان هن وقت تائين اسرائيلي حملن ۾ شهيد ٿيلن جو انگ 29 هزار 500 ٿي ويو جڏهن ته 69 هزار 600 کان وڌيڪ زخمي آهن. ٻئي پاسي گڏيل قومن جو چوڻ آهي ته غزه ۾ رتوڇاڻ کانپوءِ خوراڪ جو بحران سنگين ٿي چڪو آهي، هر چئن مان هڪ ماڻهو بک سبب موت جو شڪار ٿي رهيو آهي. هوڏانهن الاقصى اسپتال جي عملدارن جو چوڻ آهي ته ديرالبلاح تي اسرائيلي حملي ۾ زخمي ٿيلن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي ۽ اسپتال ۾ سهولتون نه هجڻ سبب فوتگين ۾ اضافو ٿي سگھي ٿو. ٻئي پاسي فلسطيني اٿارٽي نيتن ياهو طرفان جنگ کانپوءِ غزه لاءِ ڏنل منصوبي کي رد ڪري ڇڏيو آهي. فلسطيني اٿارٽي جو چوڻ آهي ته اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو طرفان جنگ کانپوءِ فلسطين لاءِ ڏنل منصوبي جو مقدر ناڪامي آهي. ٻئي پاسي لبناني مزاحمت تنظيم حزب الله هڪ ڏينهن ۾ اسرائيل تي 12 حملا ڪيا جن ۾ فوجي اڏن ۽ ٻه عمارتن م موجود اسرائيلي فوجين کي نشانو بڻايو ويو، جڏهن ته اسرائيل جي حملي ۾ اسرائيل جا 2 ميمبر به شهيد ٿي ويا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
18.5 ° C
18.5 °
18.5 °
48 %
1.7kmh
62 %
جمعو
30 °
ڇنڇر
31 °
آچر
28 °
سُومر
26 °
اڱارو
26 °

تازه ترين خبرون