تازه ترين

غزه ۾ ٻن سالن کان جاري رت جي راند جي خاتمي لاءِ مصر جي شهر شرم الشيخ ۾ اهم ڳالهيون جاري آهن

- Advertisement -
غزه ۾ ٻن سالن کان جاري رت جي راند جي خاتمي لاءِ مصر جي شهر شرم الشيخ ۾ اهم ڳالهيون جاري آهن جن ۾ فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس ۽ اسرائيلي نمائندن وچ ۾ ٽياڪڙي جو ڪردار مصر ۽ امريڪا ادا ڪري رهيا آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته حماس جنگ بندي جي لاءِ ڪيتريون ئي اهم شرطون رکيون آهن جن ۾ 6 سرگرم فلسطيني قيدين جي آزادي ۽ غزه ۾ وڏي پيماني تي انساني امداد جي فراهمي شامل آهن. حماس وفد جي قيادت سينيئر اڳواڻ خليل الحيه ڪري رهيو آهي جيڪو اسرائيلي حملي کانپوءِ پهريون ڀيرو منظرعام تي آيو آهي. امريڪي صدر جو ناٺي ۽ وچ اوڀر جي لاءِ خاص ايلچي جيرڊ ڪشنر ۽ امريڪي سفارتڪار اسٽيووٽڪف به ڳالهين ۾ شريڪ آهن. ڳالهين جو ڌيان يرغمالين ۽ سياسي قيدين جي فهرست آهن جن تي ڳالهيون جاري آهن  ته جيئن امڪاني آزادي جي راهه سڌي ٿي سگھي. وائٽ هائوس جـِي ترجمان ڪيرولائن ليويٽ جو چوڻ آهي ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ چاهي ٿو ته قيدين جي آزادي جلد ممڪن بڻائي وڃي ته جيئن ڳالهيون ايندڙ مرحلي ۾ داخل ٿي سگھن. ٻئي طرف صدر ٽرمپ ڳالهين جي عمل ۾ دير تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته وقت ضايع ڪرڻ کانسواءِ جنگ بندي کي حتمي شڪل ڏني وڃي، ٻي صورت ۾ جيڪڏهن حماس غزه جو ڪنٽرول ڇڏڻ کان انڪار ڪيو ته ان کي سنگين نتيجا ڀوڳڻا پوندا. ……..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
27.6 ° C
27.6 °
27.6 °
22 %
2.1kmh
0 %
آچر
32 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
32 °
خميس
32 °

تازه ترين خبرون