- Advertisement -
غوثپور ويجهو هٿياربندن اسڪول ويندڙ ايس ايڇ او بخشاپور جي پٽ ۽ ڀائٽي کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.
هٿياربندن اسڪول ويندڙ چنگچي رڪشا تي فائرنگ ڪري ڏني.
فائرنگ جي نتيجي ۾ ايس ايڇ او بخشاپور سڪندر پنهور جو 20 سالن جو پٽ مزمل پنهور ۽ 8 سالن جو ڀائٽيو گل حسن قتل ٿي ويا، جوابدار فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.
واقعي جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو، پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا.
ايس ايس پي ڪشمر جي حڪم تي ض:عي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس ڏوهارين جا پيرا کڻي سندن پويان رواني ٿي وئي.
علائقي ۾ چوٻول آهن ته ڏوهارين خلاف ڪشمور پوليس جي ڀرپور ڪاررواين جي بدلي ۾ ڏوهاري ٽولي طرفان پوليس کي ڌمڪيون ڏيڻ بعد اهڙي ڪارروائي ڪئي وئي آهي.
- Advertisement -
