سنڌجي راڄڏاني ڪراچي مان غير قانوني طور ترسيل افغانين کي سندن ڏيهه منتقل ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي، وڌيڪ 149 افغان شهرين تي ٻڏل قافلو چمن لاءِ روانو ڪيو ويو.
بسن ذريعي سلطان آباد 5 ٽرانزٽ پوائنٽ مان 149 افغاني شهرين تي ٻڌل ٻيو قافلو چمن لاءِ روانو ڪيو ويو.
اختيارين جو چوڻ آهي ته غيرقانوني افغانين جي قافلي ۾ 46 مرد، 43 عورتون ۽ 60 ٻار شامل آهن.
اختيارين موجب، 2 نومبر تي 112 ۽ 3 نومبر تي 149 افغانين کي چمن بارڊر تي پهچايو ويو،
ٻن ڏينهن دوران 261 افغان شهرين کي ڪراچي کان چمن لاءِ روانو ڪيو ويوآهي.