پرڏيهين جي رضاڪاراڻي طور ملڪ ڇڏڻ جي مهلت ختم ٿيڻ کانپوءِ ڪراچي پوليس ايڪشن شروع ڪري ڇڏيو، رات دير سان صدر جي علائقي مان 4 غيرقانوني ترسيل افغانين کي گرفتار ڪيو ويو.
ڪراچي ۾ غيرقانوني طور ترسيلن پرڏيهي خلاف ڊيڊلائين ختم ٿيندي ئي باقاعده آپريشڻ شروع ڪيو ويو.
صدر ٿاڻي جي حد مان پڪڙيل 4 غيرقانوني طور رهندڙ پرڏيهين کي گرفتار ڪري هولڊنگ سينٽر منتقل ڪيو ويو.
پوليس موجب، حراست ۾ ورتل ماڻهن جو تعلق افعانستان سان آهي، چارئي ڄڻا غيرقانوني طور ڪراچي ۾ ترسيل هئا.