درگاهه حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي گادي نشين سيد وقار حسين شاھه چيو آهي ته نياڻي فاطمه ڦرڙو سان انصاف ٿيندي نطر نٿو اچي.
آمريڪا ۾ سنڌي ٽي وي نيوز جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي سيد وقار حسين شاهه لطيفي چيو ته درگاهن جي مثبت پيغام کي اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي پر افسوس آهي ته ڪٿي ڪٿي حويلين ۾ ابتڙ رويا به ٿين ٿيا، ٻارن کي زبردستي رهائي انهن تي ظلم ڪرڻ اسلام ناهي.
هن چيو ته مريدن کي عقيدي ۾ حدون نه اورانگھڻ گھرجن، درگاهن جا گادي نشين ۽ سندن خاندان اسلام جي ابتڙ وڃن ته انهن سان مقابلو ڪيو وڃي.
هن چيو ته قانون کي بلڪل حرڪت ۾ اچڻ گهرجي ته جيئن معاشري مان برائي ختم ٿي سگھي . درگاهه حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي گادي نشين سيد وقار حسين شاھه چيو ته ڪجھه اهڙيون حويليون ضرور آهن جيڪي طاقت جي زور تي غلط فائدا وٺن ٿيون .