تازه ترين

فاطما ڦرڙو قتل ڪيس ۾ ڪنهن به قسم  جو دٻاءُ قبول نه ڪيو ويندو: حارث نواز

سنڌ جي نگران گهرو وزير برگيڊيئر رٽائرڊ حارث نواز چيو آهي ته فاطما ڦرڙو قتل ڪيس ۾ ڪنهن به قسم  جو دٻاءُ قبول نه ڪيو ويندو، ڦير ڦار جي خدشي سبب جوابدار  اسد علي شاهه جي ڊي اين اي جا جزا ڪراچي منتقل ڪيا ويا آهن، وارثن جي ڀرپور مدد ڪئي ويندي، انصاف جون گهرجون پوريون ڪيون وينديون، ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن ڪيو پيو وڃي.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي نگران گهرو وزير برگيڊيئر رٽائرڊ حارث نواز چيو ته فاطمه ڦرڙو ڪيس کي بهتر نموني ڏٺو پيو وڃي، ڪو به دٻاءُ قبول نه ڪيو ويندو.

هن چيو ته اسد شاهه گرفتار ۽ سندس گهرواري ضمانت تي آزاد آهي، ڊرائيور کي به گرفتار ڪيو ويو آهي.

گهرو وزير چيو ته فاطمه جي ٽيسٽ کي محفوظ رکڻ لاءِ ڪراچي  منتقل ڪيو آهي، جيئن ڦير ڦار نه ٿي سگهي، چائلڊ پروٽيڪشن اٿارٽي جا قلم به لڳايا ويا آهن، انصاف جون سموريون گهرجون پوريون ڪيون وينديون.

برگيڊيئر رٽائرڊ  حارث نواز چيو ته ڪچي ۾ آپريشن شروع ڪيو پيو وڃي،  درياهه ۾ پاڻي آهي ان ڪري ڌاڙيل ڀڄي وڃن ٿا، انٽيليجنس بنيادن تي ڏوهارين خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

نگران گهرو وزير چيو ته  صوبي ۾ بدليون مقرريون شروع ڪيون ويون آهن، پوليس جي بدلين دوران سياسي اثر کي نظر ۾ رکيو پيو وڃي.

هن چيو ته ڪراچيءَ ۾ اسٽريٽ ڪرائيم جي خاتمي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,172FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
19.1 ° C
19.1 °
19.1 °
12 %
0.6kmh
0 %
آچر
19 °
سُومر
27 °
اڱارو
28 °
اربع
29 °
خميس
30 °

تازه ترين خبرون