سنڌ جي مختلف شهرن ۾ نينگري فاطمه ڦرڙو ۽ صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا .
خيرپور، جيڪب آباد، نوشهرو فيرو، شهدادڪوٽ، ٺٽو، ميرپورماٿيلو، باڊهه، سرهاڙي، دوڙ ۽ ٻين شهرن ۾ مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا.
لاڙڪاڻي ۾ نينگري فاطمه ڦرڙو ۽ صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ايس ٽي ڪارڪنن پاران احمد نواز بروهي، صادق لاشاري، طارق جتوئي، نظير سومرو، ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.
خيرپور ۾ پيراڻي حويلي ۾تشدد ڪري بيدردي سان قتل ڪيل نينگري فاطمه ڦرڙو جي خون سان انصاف لاءِ نرسنگ ڪاليج جي شاگردياڻين ۽ سول اسپتال جي ڊاڪٽرن پاران فاطمه شر جي، سريا دايو، ڊاڪٽر محمد حسن ابڙو ، قاضي شڪيل ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.
جيڪب آباد ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي طرفان نينگري فاطمه ڦرڙو ۽ صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ عبدالستار جاگيراڻي، نظام مستوئي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو ويو.
شهداد ڪوٽ ۾ فاطمه ڦرڙو ۽ صحافي جان محمد مهر جي خون سان انصاف لاءِ ايس ٽي پي ڪارڪنن طرفان محمد حيات تنيو، امداد سومرو، زاهد مگسي، داد محمد کنڊ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪوٽو موٽو چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو.
نوشهرو فيروز ۾ صحافي جان محمد مهر ۽ فاطمه ڦرڙو جي قتل خلاف سنڌ ترقي پسند پارٽي جي ڪارڪنن طرفان حبيب مشوري، اقبال راڄپر، ماهه نور شيخ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ريلي ڪڍي وئي.
ٽنڊو الهيار ۾ ايس ٽي پي جي سڏ تي صحافي جان محمد مهر ۽ نينگري فاطمه ڦرڙو جي خون سان انصاف لاءِ افضل جسڪاڻي، ميرمحمد پتافي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ايس ٽي پي هائوس کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.
ڪنڌڪوٽ ۾ به ايس ٽي پي جي مرڪزي سڏ تي فاطمه ڦرڙو ۽ صحافي جان محمد مهر جي قتل خلاف اڪرم باجڪاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو ويو.
ٺٽي ۾ ايس ٽي پي جي سڏ تي صحافي جان محمد مهر ۽ نينگري فاطمه جي خون سان انصاف لاءِ عبدالحڪيم بروهي، جميل سمون، راجو قريشي، ناٿو خان بروهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪيو ويو.
ميرپور ماٿيلي ۾ پيراڻي حويلي ۾ بيدردي سان قتل ڪيل فاطمه ڦرڙو ۽ صحافي جان محمد مهر جي خون سان انصاف لاءِ عبدالفتاح سميجو، زاهد ميراڻي، علي نواز جلباڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڀٽائي چوڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي.
ٺل ۾ فاطمه ڦرڙو جي قتل خلاف سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي سڏ تي ڪارڪنن پاران لطف الله لاشاري، محمد بخش بروهي ۽ عبدالغفور ٻرڙو جي اڳواڻي ۾ شاهي بازار کان احتجاجي ريلي ڪڍي رهبر چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو.
محرابپور ۾ فاطمه ڦرڙو جي قتل ۽ صحافي شوڪت نوناري کي ملندڙ ڌمڪين خلاف سول سوسائٽي، وڪيلن، صحافين ۽ شهرين پاران اسلم نانگور، شاهد ڪلوڙ، گلاب ميمڻ، استاد نور محمد ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
ميهڙ ۾ سنڌ ترقي پسندن پارٽي پاران نينگري فاطمه ڦرڙو جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ عبدالحميد سومرو، محبوب لاکير ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.
باڊهه ۾ ايس ٽي پي جي سڏ تي صحافي جان محمد مهر ۽ نينگري فاطمه ڦرڙو جي قتل خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
سرهاڙي، دوڙ ۽ ٻين شهرن ۾ به پيراڻي حويلي ۾ بيدردي سان قتل ڪيل نينگري فاطمه ڦرڙو ۽ سکر ۾ هٿياربندن هٿان قتل ڪيل صحافي جان محمد مهر جي خون سان انصاف لاءِ مظاهرا ڪيا ويا.
ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته نينگري فاطما ڦرڙو جو قتل انسانيت لاءِ شرم جوڳو واقعو آهي.
مظاهرين چيو ته حق ۽ سچ لکڻ تي سکر ۾ صحافي جان محمد مهر کي گولين جو کاڄ بڻايو ويو.
هنن مطالبو ڪيو ته فاطمه ڦرڙو ۽ جان محمد مهر جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي سرعام ڦاهي ڏني وڃي.