پي ٽي آءِ اڳواڻ فرخ حبيب پارٽي ڇڏڻ جو اعلان ڪندي تحريڪ استحڪام پارٽيءَ ۾ شامل ٿي ويو، سندس چوڻ آهي ته قائداعظم جو پاڪستان ٺاهڻ لاءِ هو پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيا هئا، سندس سوچ هئي ته حڪومت وڃڻ بعد اليڪشن جو انتظار ڪرڻ گهرجي، پر پي ٽي آءِ طرفان مزاحمت جي تحريڪ شروع ڪئي وئي.
لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فرخ حبيب چيو ته 9 مئي واقعن جي جيتري مذمت ڪجي گهٽ آهي، هن پاڻ وقت ڏنو ته جيئن فيصلو ڪري سگهي.
هن چيو ته بي اعتمادي واري رٿ ڪامياب ٿيڻ بعد کين سڪون سان ويهڻ نه ڏنو ويو، هيءَ ڪفر ۽ اسلام جي جنگ ناهي.
فرخ حبيب چيو ته 9 اپريل کانپوءِ ماڻهن کي تشدد جو رستو اختيار ڪرڻ جو چيو ويو، 9 مئي تي افسوسناڪ واقعو پيش آيو.
هن چيو ته هو ته قائداعظم جو پاڪستان ٺاهڻ لاءِ پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيا هئا، سندس سوچ هئي ته حڪومت وڃڻ بعد اليڪشن جو انتظار ڪرڻ گهرجي، پر پي ٽي آءِ طرفان مزاحمت جي تحريڪ شروع ڪئي وئي.
فرخ حبيب چيو ته عوام جي ذهن ۾ نفرت جو ٻج ڇٽيو ويو، خود احتسابي جو عمل ضروري آهي، هن پي ٽي آءِ جي اهم رانديگر طور پارٽيءَ کان رستا ڌار ڪري تحريڪ استحڪام پارٽيءَ ۾ شامل ٿي ويو آهي