تازه ترين

فري اينڊ فيئر اليڪشن نيٽ ورڪ (فافن) قومي اسيمبلي جي شروعاتي سئو ڏينهن جي ڪارڪردگي رپورٽ جاري

فري اينڊ فيئر اليڪشن نيٽ ورڪ (فافن) قومي اسيمبلي جي شروعاتي سئو ڏينهن جي ڪارڪردگي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي.

فافن جي رپورٽ موجب قومي اسيملي جي شروعاتي سئو ڏينهن ۾ قانونسازيءَ جو عمل سست رهيو، اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ جي جوڙجڪ ۾ دير سان اسيمبلي جي ڪارڪردگي متاثر ٿي.

رپورٽ موجب سڪيورٽي خدشن جي آڙ ۾ قومي اسيمبلي جي گيلري تائين شهرين جي پهچ تي پابندي به ڪارڪردگي تي اثر انداز ٿي.

فافن پنهنجي رپورٽ موجب مجموعي طور تي ايوان 66 ڪلاڪ 33 منٽن تي ٻڌل اجلاس ڪيا، هائوس ۾ موجود 310 ميمبرن مان 51 سيڪڙو ميمبرن فعال تي اجلاسن ۾ شرڪت ڪئي.

رپورٽ ۾ چيو ويو ته ايوان ۾ ميمبرن جي ايوريج حاضري 231 رهي جن مان سڀ کان وڌيڪ 302 ۽ سڀ کان گهٽ 176 آهي.

فافن جي رپورٽ ۾ چيو ويو ته وزيراعظم شهبازشريف قومي اسيمبلي جي 23 مان رڳو ٻن اجلاسن جي ڪارروائي ۾ شرڪت ڪئي، جيڪو ڏهه سيڪڙو بڻجي ٿو، ماضي ۾ اڳوڻو وزيراعظم نوازشريف 26 سيڪڙو ۽ پي ٽي آءِ باني 29 سيڪڙو اجلاسن جو حصو بڻيا…………….

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_facebook="1523504" manual_count_instagram="48,882"]
Pakistan
clear sky
30.2 ° C
30.2 °
30.2 °
27 %
0.6kmh
0 %
جمعو
34 °
ڇنڇر
35 °
آچر
35 °
سُومر
36 °
اڱارو
35 °

تازه ترين خبرون