فلسطيني ويڙهاڪ تنظيم حماس جي سربراهه اسماعيل هنيه چيو آهي ته فلسطيني مائرون ۽ ڀينرون پاڪستان ڏانهن ڏسي رهيا آهن.
فلسطيني ويڙهاڪ تنظيم حماس جي سربراهه اسماعيل هنيه ڪراچي ۾ جي يو آءِ جي طوفان اقصيٰ ڪانفرنس کي وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي چيو ته اوهان جي حمايت اصل ۾ بيت المقدس جي حمايت آهي، فلسطين جو عورتون، ٻار ۽ علماءَ سڀ جنگ جي ميدان ۾ آهن.
اسماعيل هنيه چيو ته امت گواهه آهي ته هو ڊگهي جنگ وڙهي رهيا آهن.
سندس چوڻ هو ته مولانا فضل الرحمان فلسطينين جو موقف پيش ڪري رهيو آهي.