تازه ترين

فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس اسرائيل کي معاهدي جي سمورين شرطن تي عملدرآمد جو پابند بڻائڻ جو مطالبو

- Advertisement -
فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس اسرائيل کي معاهدي جي سمورين شرطن تي عملدرآمد جو پابند بڻائڻ جو مطالبو ڪيو آهي. اسرائيل سان امن معاهدي جي پهرين مرحلي تي صحي کانپوءِ تنظيم پهريون باضابطه بيان جاري ڪري ڇڏيو. حماس سوشل ميڊيا تي جاري بيان ۾ چيو ته هڪ معاهدو طئي ٿي ويو آهي جنهن تحت غزه تي جنگ جو خاتمو ، اسرئيلي فوج جي نيڪالي، امداد جي فراهمي ۽ قيدين جي مٽا سٽا جون شقون شامل آهن. حماس امريڪي صدر، عرب ٽياڪڙي ڪندڙ ۽ بين الاقوامي ڌرين کان مطالبو ڪيو ته هو اسرائيل کي معاهدي جي سمورين شرطن تي مڪمل عملدرآمد لاءِ پابند بڻائن ۽ ان کي ڪنهن به دير يا واعدي جي ڀڃڪڙي کان روڪن. تنظيم ان عزم جو اظهار ڪيو ته هو پنهنجي عهد تي قائم رهندي ۽ پنهنجي عوام جي آزادي، خودمختياري ۽ حق خوداراديت جي اصولن تان هٿ نه کڻندي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
11.2 ° C
11.2 °
11.2 °
12 %
0.3kmh
100 %
سُومر
11 °
اڱارو
20 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
18 °

تازه ترين خبرون