تازه ترين

آءِ ايم ايف مشن ۽ پاڪستاني اختيارين اسٽال ليول جي معاهدي ۾ اهم اڳڀرائي

- Advertisement -
آءِ ايم ايف مشن ۽ پاڪستاني اختيارين اسٽال ليول جي معاهدي ۾ اهم اڳڀرائي ڪئي آهي. ايوا پيٽرووا جي اڳواڻي ۾ آءِ ايم ايف جي ٽيم 24 سيپٽمبر کان 8 آڪٽوبر تائين ڪراچي ۽ اسلام آباد جو دورو ڪيو، جنهن دوران پاڪستاني اختيارين سان ٻئي جائزي ۽ ريزيليئنس فنڊ تحت پهرين جائزي تي ڳالهيون ڪيون ويون. آءِ ايم ايف پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب، پروگرام تي عمل حڪومت جي واعدن تحت جاري آهي. پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ڪيترن ئي اهم معاملن تي ڳالهين ۾ اڳڀرائي ٿي آهي، جنهن ۾ مالي نظم ۽ ضبط برقرار رکندي ٻوڏ متاثرن جي بحالي جي مدد ۽ ناڻي جي ذخيرن کي اسٽيٽ بينڪ جي هدف اندر رکڻ لاءِ محتاط مالي پاليسي شامل آهن. پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته توانائي جي شعبي ۾ سڌارا ۽ سرڪاري ادارن جي دائري کي گهٽائڻ سان گڏوگڏ شفافيت ۽ گورننس کي مضبوط ڪرڻ پڻ ڳالهين جو حصو هئا. آءِ ايم ايف چيو ته رھيل مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ پاڪستاني اختيارين سان پاليسي سطح تي ڳالهيون جاري رهنديون.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
30.7 ° C
30.7 °
30.7 °
19 %
3.4kmh
0 %
آچر
31 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
34 °
خميس
29 °

تازه ترين خبرون