- Advertisement -
فلسطين جي صدر محمود عباس جي فرانسيسي صدر ميڪرون سان ملاقات ۾ فلسطيني آئين ٺاهڻ لاءِ گڏيل ڪميٽي قائم ڪرڻ تي اتفاق ٿي ويو.
پيرس ملاقات دوران ٻنهي صدرن وچ ۾ غزه امن معاهدي جي ايندڙ قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
صدر ميڪرون ۽ صدر محمود عباس فلسطين رياست کي مضبوط ڪرڻ لاءِ فلسطيني آئين جي تياري ڪئي ۽ ان جي مدد لاءِ گڏيل ڪميٽي فوري ٺاهڻ تي اتفاق ڪيو جنهن کانپوءِ صدرمحمود عباس فلسطيني آئين جو مسودو صدر ميڪرون کي پيش ڪيو.
فرانسيسي صدر جي آفيس موجب، فلسطيني رياست جي مضبوطي لاءِ حڪومت ڌانچي ۾ سڌرا اڻٽر آهن ته جيئن هڪ خودمختيار رياست وجود ۾ اچي.
ياد رهي ته فرانس سيپٽمبر ۾ فلسطيني رياست کي باضابطه طور تي تسليم ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو…..
- Advertisement -
